ٻني: ٻني، هندستان جي ڪڇ جو هڪ علائقو آهي، جيڪو اتر ۾ ايشيا جو وڏي ۾ وڏو چراگاھہ وارو علائقو آهي. ‘ٻنئي’، جنهن جو سڌريل نالو ‘ٻني’ آهي، ان جي معنيٰ آهي: ‘چوپائي مال جو علائقو’. هيءُ علائقو نکتراڻا، ڀڄ، انجار تعلقي جي اتر ۾ 2144 چورس ڪلوميٽرن جي ايراضي آهي، جنهن ۾ 40 ڳوٺ اچي وڃن ٿا. ٻني، سنڌ جي سرحد کان 20-25 ميل پري ڏيپلي ۽ راهمڪي بازار کان 40-50 ميل، سمانگر يا سوميءَ جي کنڊرن کان 40-50 ميل پري آهي. ٻنيءَ کي اتر طرف ‘کريڙ’ ۽ ‘ٻيلو’، اتر اولھہ طرف ‘پڇم’، ‘ڀانور’ ۽ ‘کاٿرڙو’ ٻيٽ آهن. قديم دور ۾ ٻني، سنڌ سان شامل هئي. هتي سنڌي ٻوليءَ جو گهڻو واهپو آهي ۽ سنڌي لوڪ ادب توڙي جديد ادب سرجي رهيو آهي. هن علائقي ۾ 23 قسمن جو گاھہ پيدا ٿئي ٿو، جيڪو چوپائي مال لاءِ بھترين خوراڪ آهي. هتان جي گاھہ مان گهر اڏڻ جو سامان پڻ ملي ٿو تہ وقتي اهو انساني کاڌي طور پڻ ڪم اچي ٿو.