ٻنڀو

ٻُنڀو: گهر جو لنگهہ پوءِ کڻي اھو لنگهہ لوڙھي جو ھجي، ڏاڪائون در ھجي يا ڪوٺيءَ يا ڪمري جو ھجي، انھيءَ لنگهہ کي ”ٻنڀو“ چوندا آھن. مثال طور چوندا تہ ”ٻنڀو ئي ڦيرائي ڇڏيائينس“ يا ”ٻنڀو ئي ٻئي پاسي ٿي ويو“. معنيٰ تہ دستوري لنگهہ بند ڪري ڇڏيائينس، ڦٽائي ڇڏيائينس وغيرہ. لطيف سائين چيو آھي تہ:
” ٻنڀان جن ٻري، ڏونگر سي ڏورينديون“ .


لفظ ٻنڀوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو