ٻنڌڻي/ ٻنڌڙي: هي دڙو ڌاتو پاھڻي دور/ آمري ڪلچر سان واسطو رکي ٿو. ھي ماڳ 26013\' اتر ويڪرائي ڦاڪ 67042\' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ. نئين ٻنڌڙي کان اٽڪل ميل کن ڏکڻ- ڪوھستان ۾ آهي. جابلو زمين جي مٿان موجود ھن ماڳ تان ڪمايل ۽ اڻ ڪمايل پٿر ملن ٿا. ٻنڌڻي نئن دڙي کان اٽڪل ڏيڍ ڪلو ميٽر ڏکڻ- اوڀر ۾ آھي. ھتان پٿر جا جهريل پتا ۽ ڪورون ملن ٿيون، جيڪي ھن جاءِ کي پٿرن جي اوزارن ٺاھڻ جو ھنڌ ظاھر ڪن ٿا. پڊن جا نشان ٿوري ٿوري وٿيءَ کان پوءِ وري وري ڏسڻ ۾ اچن ٿا. ٻنڌڙي دڙو اٽڪل 10x230x440 فوٽ ماپ جو آھي. کوٽائيءَ وقت اسلامي دور جون قبرون موجود ھيون. مجمدار کي 35x40 جي کڏي جي کوٽائيءَ مان پٿر جي پيڙھن جي رھت ملي. ٺڪراٺو ٻھ- رنگي آڪھ جو آھي.ٻنڌڻي کان ٻہ ميل اتر طرف ھڪ ٽڪري تي لسن پٿرن جي ھڪ 55x110 فوٽن جي ھڪ اڏاوت ۾ ٻن ڪمرن جا نشان نظر اچن ٿا. جن کي اوڀر ۾ ٦ فوٽ ويڪرا لنگه ھئا. ھن اڏاوت ۾ ڪم آيل پٿر اڻپورا گهڙيل ۽ بنا گل اوساريل آھن. پٿر جي بارن جي پاسي ۾ ڪپچو (Rubble) پکڙيو پيو آھي. ڀتيون ٥ فوٽن جي اوچائي تائين بيٺل ھيون. ڪمرن ۾ ڪابھ ثقافتي وٿ نہ ملي. اھڙي قسم جون اڏاوتون ڪوھستان واري ڀاڱي ۾ ڪيترن ئي ھنڌن تي ڏسي سگهجن ٿيون. مجمدار صاحب جي راءِ ۾ اھي اڏاوتون انگريزن جي دور کان اڳ جا مسافرخانا يا قافلہ سراءِ آھن جيڪي ڪراچي ۽ سيوھڻ رستي تي مسافرن جي سھنج لاءِ اڏيل آھن. ھنن جي ھڪ جهڙي بيھڪ، ويجهڙائي ھتان جي سماجي، سياسي ۽ اقتصادي حالتن بابت وڌيڪ ڌيان گهري ٿي، جو رني ڪوٽ بہ ساڳي سلسلي سان آھي. رني ڪوٽ جي چوڌاري ايترا ماڳ بہ سوچڻ سان تعلق رکن ٿا .