ٻُنگ: ”سر جو ٻوڙو“، جنھن کي ”ڪوڙو سر“ يعني ڪُسر پڻ چئجي، سياري جي مند ۾ نسرندو آھي ۽ گل جھليندو آھي. انھن گلن ۾ ھڪڙا اڇا چانديءَ جھڙا گل ٿين ۽ ٻيا گرڙا چلڪڻا ٿين، اڇن چانديءَ جھڙن گلن کي ”ٻنگ“ سڏجي ٿو ۽ گرڙن چلڪڻن گلن کي ”پاند“ چئبو آھي. سنڌي ٻوليءَ ۾ عام ۽ ادبي لحاظ کان اھڙيون تشبيھون استعمال ۾ اچن ٿيون، جن ۾ فقط ”ٻنگ“ آيل آھي. مثال طور: ”اڇو جھڙو ٻنگ“. ٻنگ جو ٻوهه گڏ ڪري وھاڻن ۾ ڀرجي ٿو، جيڪي نرم ۽ قيمتي ٿين. پاندن بابت لطيف سائينءَ جو بيت آھي:
سر نسريا پاند، اتر لڳا آءُ پرين ،
مون تو ڪارڻ ڪانڌ، سهسين سکائون ڪيون .