ٻورا: اهي شڪل ۾ ٿيلهي جھڙا هوندا آهن. مگر هنن جو هيٺيون ويڪرو ۽ منهن وارو مٿيون پاسو سوڙهو هوندو آهي ۽ ٻورن جي هيٺئين پاسي جي ڊيگهہ 10- 12 فوٽ کن هوندي اهي ۽ مٿيون منهن 8-9 فوٽ کن ٿيندو آهي. هي زياده تر ٻڪري جي ڪاري ڏاس مان ٺاهيا ويندا آهن. بعض حالتن ۾ ڪاري ڏس نہ ملڻ ڪري اڇي ڀوري ڳاڙهي ڏاس جي سُٽ مان بہ ٺاهيا ويندا آهن. هن ۾ چارو، ٻاجهر جا سنگ وغيرہ کڻبا آهن .