ٻوراني

ٻُوراني/ ٻُوراڻِي: سنڌ جي ڍنڍن ۾ ”پن“ جو گاھہ ٿئي، اھو گاھہ سارياليءَ جي منڍ ۾ لاڙ وارن علائقن ۾ عام جام ٿئي. ’پن‘ جو گاھہ مکڙين وانگر ٻور جهليندو آھي، انھيءَ ٻور ۾ اٽي جهڙو پيلو ٻورو ٿئي، جو مخصوص مرحلن مان گذاري، ان مان ”ٻوراڻي“ تيار ڪئي ويندي آھي. ٻوراڻي سنڌ جي مڙني ڀاڱن ۾ ٺھي ۽ واپرائي وڃي ٿي. ڪٿي ڪٿي ان کي ’ٻوري‘ بہ چون. سنڌ جا ماڻھو ٻوراڻيءَ ھڪ ٻئي لاءِ سوکڙي پاکڙيءَ طور بہ ڪم آڻين. ’پن‘ جي ٻوٽي مان نڪتل ”ٻور“ کي موڙين ۾ ٻاڦ تي اوٻاري ڳنڍا ٺاھيندا آھن. طبي لحاظ سان دوائن ۾ پڻ استعمال ٿيندي آھي. حڪيمن چواڻي ٻوراڻي ڪيترين ئي بيمارين جي علاج طور ڪم اچي ٿو .


لفظ ٻورانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو