ٻوسڻ: ملتان ۽ بهاولپور جي سرائڪي پَٽِي کان آيل غير سماٽ ذات جا ماڻهو، جيڪي، سرائڪي زبان ڳالهائين ٿا ۽ صرف لاڙڪاڻي شهر ۾ آباد آهن. سندن چوڻ آهي ته اسين پنهنجي مرشد کي بوسي (چمي) ڏيندا هئاسين. ماڻهو ۽ مريد اسان کي بوسه زن (چمي ڏيندڙ) چوڻ لڳا ۽ پوءِ اهو لفظ ڦري بوسڻ ۽ ٻوسڻ ٿيو. ان بعد اسين ذات جا ”ٻوسڻ“ (سرائي) سڏجڻ لڳاسين .