ٻوليءَ جو شڪار: ڦاڙھي جي ٻولي ڪري، ڦاڙھي جي شڪار ڪرڻ کي ”ٻوليءَ جو شڪار“، چئبو آھي. ڦاڙھي جي ٻولي ڏکي به آھي ته سولي به. عام طرح وڏا شڪاري چوندا ھئا ته ڦاڙھي جي ٻولي سکڻي ھجي ته ڪڪڙ جي ننڍڙي ٻچي کان سکو، ھڪڙا شڪاري چپن سان ٻولي ڪندا ته ٻيا ٻولي ٺاھي کڻي ايندا، ھن طرح جو پيڻ پکيءَ جي کنڀ جي وچين ڏانڊيءَ تان سنھا کنڀ لاھي، ڏانڊيءَ جو وچ وارو چار انچ کن ٽڪر بچائبو، پوءِ ان کي ڇيت نموني کل لاھي سنھو ڪري ھڪ ڇيڙي تي سڳو ٻڌي باقي بچيل ڏانڊيءَ کي ٻيڻو ڪري پٽ جي ٻڌل تند کي ٻيڻ ۾ ڦاسائي، ڏانڊيءَ جا ٻئي پاسا ملائي ڇيڙي کي سڳو ٻڌي ڇڏبو، جيئن پٽ وچ ۾ رھي. انھيءَ ٺھيل ساز مان جيڪا ٻولي نڪرندي، اھا ٻڌي ڦاڙھو ڊوڙندو ايندو آھي. تان جو شڪاري ان کي بندوقون ھڻي شڪار ڪندا آھن. انھيءَ قسم جو واڄو ڪونج جي کنڀ ۾ بادام جي ڪاٺيءَ جو سنھڙو پردو وجھي به ٺاھيندا آھن .