ٻولھاڙي

ٻولھاڙي: ڪوٽڙيءَ کان ڇھن ميلن جي مفاصلي تي ھڪ ريلوي اسٽيشن ٿي سگهي ٿو تہ اھا ايراضي نشيبي ھجي، جنھن ۾ مينھن جو پاڻي (پلر) وڌيڪ ايراضيءَ ۾ ڍنڍ وانگر بيھندو ھجي. محمد بن قاسم کي نيرون ڪوٽ ڏانھن ويندي اھڙي جوءِ نظر آئي ھئي، جتان نيرون ڪوٽ ويجهو ھو. ان جوءِ جو پاڻي دل کي فرحت ڏيندڙ ۽ صاف شفاف ھو، ممڪن آھي تہ اھا جوءِ ٻولھاڙيءَ ۽ ان جي آسپاس واري ھجي، جنھن کي ’ولھار‘ چيو ويندو ھو، جنھن مان ٻلھار، ٻلھاڙي ۽ پوءِ ٻولھاڙي ٿيو ھجي. نئن بارڻ جو قديم دور ۾ ڇوڙ بہ انھيءَ ئي واديءَ ۾ ٿيندو ھوندو، جڏھن تہ درياھہ اڃا نصرپور يا ساڱري ڍنڍ واري وھڪري وٽان وھندو ھو. نئن بارڻ جو سمورو پاڻي درياھہ واريءَ زمين کي سيراب ڪندو ھوندو .


لفظ ٻولھاڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو