ٻوٽا

ٻوٽا: عام طرح سڄيءَ سنڌ ۾ خاص ڪري ٿر ۾ ٿيندڙ اھي ٻوٽا، جيڪي روزمره زندگيءَ ۾ ڪم ايندا رھندا آھن، تن جو تفصيل ھيٺ ڏجي ٿو. ٿر ۾ ولين ۽ وڻن جيان ٻوٽا بہ گهڻن ئي نمونن جا ٿين ٿا. انھن ٻوٽن کي چوپايو مال، جھڙوڪ اٺ، ٻڪريون ۽ رڍون وغيرہ کائينديون آھن، انھن ٻوٽن مان ڪن کي گڏھ بہ کائين ٿا. ٻوٽا چئن قسمن جا ٿين ٿا. (1) وڏا ٻوٽا، (2) ننڍا ٻوٽا، (3) ڀاڄيءَ وارا جهنگلي ٻوٽا ۽ (4) گهرو ٻوٽا .
وڏن ٻوٽن ۾ ’جهل‘، ’ٻوھ‘، ’کپ‘، سڻ، ’پٽِ ڪنوار‘، ’مرٽ‘، ’گهامون‘، ’اِيڪڙ‘، ’لاڻا ۽ لاڻيون‘ شامل آھن. ننڍن ٻوٽن مان ’ڀنگري‘، ’گرامڻو‘، ’کيرول‘، ’ابت ڪنڊڙي‘، ’کرسڻ‘، ’ڊاماسو‘، ’وجوٺِي‘، ’ڪنتِي‘، ’ساٽوڙو‘، ’ھرڻ چپڙي‘،’سنھاڙي‘، ’سونيل‘، ’ٻائيءَ جا ٻاٽيا‘، ’رينگڻي‘، ’منڍيري‘ ۽ ’ملير ميندي‘ وغيرہ مشھور ٻوٽا آھن. ڀاڄيءَ وارن جهنگلي ٻوٽن ۾ ’مريڙو‘، ’للر‘، ’بگرو‘، ’پِپون‘، ’ماما موري‘ ۽ ’کنڀيون‘ شامل آھن ۽ گهرو ٻوٽن ۾ ’تلسي‘، ’ھيرڻ‘، ’مروئو‘ (نازبوءِ) ۽ ’ڌاتورو‘ قابل ذڪر ٻوٽا آھن .
ٻوٽن ۾ ’ڪانئل پيرون‘، ’پوٽو‘، ’ڦاڙرنگ وڻ‘، ’پيرون‘، ’ڌاتورو‘، (ننڍو ۽ وڏو)، ’کانٽوبو‘، ’ڪانڊيرو‘، ’جابلو ٿوھر‘، ’گگر‘، ’سر‘، ’ڪانھن لڪندي‘، ’ايريال‘، (مٺو کارو)، ’زنگي گل‘، ’گدڙ پچي‘، ’نانگ ڦڻ‘، ’ڦور لاڻو‘، (ھي سڀني کان وڏو ٿئي)، ’ٽاچ لاڻو‘ (ھن مان کار ٿئي) ’ٻاڙ‘ (ننڍي قسم جو ٿئي) ۽ دريائي پاسي ٿيندو آھي. ھن کي ڏاچيون کائين، ’سھي لاڻي‘، ’ڪڙلاڻي‘ (’کاري لاڻي‘ بہ چون)، ’ڦيرلاڻي‘ (کارين ۽ ڍنڍن ۾ ٿئي)،’مئي لاڻي‘ باغن ۾ ٿئي. ’گل راڻي‘، ’گل مور‘، ’وڪن ڪيوڙي‘ ۽ ’پٿر ٽوڙ‘ (پٿر چٽ) ٻوٽي وغيرہ پڻ شامل آھن. جاندارن وانگر ٻوٽن ۾ بہ پيدائشي عمل ٿئي ٿو. جيڪو جنسي يا غير جنسي عمل بہ ھوندو آھي. ٻوٽن ۾ غير جنسي پيدائشي عملن جا ڪيترائي قسم ٿين ٿا. غير جنسي عمل ۾ صرف گهرڙن جي ورھاست وارو عمل ٿئي ٿو. ھن عمل سان جيڪي جاندار پيدا ٿين ٿا، سي سڀئي پاڻ ۾ ملندڙ جلندڙ والدين سان مشابھت رکندڙ ھوندا آھن. ٻوٽن ۾ غير جنسي پيدائشي عمل ٽڪرائڻي ورڇ (Fragmentation)، بڊنگ (Buding)، بائنري فشن (Binary Fission)، قلمي واڌ (Vegctative-progagation) ۽ اسپورٽ جي ٺھڻ (Spore formation) وسيلي ٿئي ٿو. ٻوٽن ۾ سڄي توانائي، ساھہ کڻڻ واري عمل وسيلي فراھم ٿيندي آھي. ان لحاظ کان ھي عمل ھڪ خاص حيثيت جو حامل آھي. پاڻيءَ وارا ٻوٽا آڪسيجن پاڻيءَ مان حاصل ڪندا آھن ۽ اھا آسانيءَ سان ٻوٽن جي جسم ۾ تحليل ٿي ويندي آھي. خشڪيءَ وارا ٻوٽا آڪسيجن پنھنجي آس پاس واريءَ فضا مان حاصل ڪندا آھن ۽ اھا پنن ۽ ٿڙن ۾ موجود اسٽوميٽا (Stomata) وسيلي داخل ٿي ويندي آھي. آڪسيجن ٻوٽي ۾ داخل ٿيڻ بعد گهرڙن جي وچ ۾ موجود وٿين ۾ ھلي ويندي آھي. جتان اھا مختلف گهرڙن ۾ نافذ ٿي ويندي آھي .


لفظ ٻوٽاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

ٻوٽا - مان نڪتل ٻيون شاخون-

ٻاٽي جا ٻاٽيا
ٻرٽ
ٻگرو
ٻوٽا
ٻوٽي
ٻوھہ
اڪ
اڪڙ
بڊوکو
ابت ڪنڊڙي
برهم ڏنڊي
برهمي
بستياج
بکڙو
انکرو
انگاري
اوئِن
ايريال
بي پاڙي
وڻ ويڙهي
بن ٽڪي
بنفشو
بنڪم
بوبڪ3
اوڀڙ
اوڌ
ڀاڄيون
تلسي
تل ڪنڊو
لورا
ڀتر ول
ٽانڪارو
ٽڪ3
ڀونءِ بَصر
ٽڪنڊي
ٽوھہ
جانهولو
پارس پپل
جوڳيئڙو
جهرڪلي کيت (ٻوٽو)
جِهِلُ2 (ڏٿ)
چانهڪ
چِراٽو
چريو ڌاتورو
چمپا
چنبيلي
چندن گل ٻُوٽِي
چندور
خسخس
ڌاتورو
ڊاماهو ڌاماسو
ڊڊونيا
رابيل
رات جي راڻي
رائزوم
رتن جوت2
زرنگ
ساٿر
ساٽوڙو سانٽوڙو
ستياناسي
سداب
سدا بھار
سَر 1
سراڌيا
سرڦُوڪو
سنا
سنکا هولي
سَنِهاڙي
سڻ
سِڻي1
سوسن ٻوٽو
سونيل
سُوئا سُوا
سيپروفائيٽس
جهانهيليو
شرم ٻوٽي
پرسان
پرسيان
پکيءَ پيرو
پن ڇٽڻي
پنراڙ
پنواڙ
پنير پنير بند
پواڙي 2
پيري پلوڪا افائلا
پيوڙي
صليبي گل
جيسمين باغي
عتيق عقيق Canna
ڪانڊيرو
ڪنوار ٻوٽي
ڦوڳ
عود صليب
گلاب ٻوٽو
ڪافي ٻوٽو
ڪانڊيري
گائوزبان
کپ
کيرول 2

ٻوٽا - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻوٽا
ايريال
ڀاڄيون
پواڙي 2
پارس پپل
بنفشو
ٽوھہ
اڪ
سنا
چندن گل ٻُوٽِي
ٻوٽا ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون