ٻوٽار ڍنڍ: هيءُ ڍنڍ، کپري تعلقي جي هٿونگي شھر کان چار ڪلوميٽر اتر ۾ واقع آهي. هن ڍنڍ کان ئي کپري جي اڇڙي ٿر جي ڍنڍن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو. انگريز دور ۾ اڇڙي ٿر ۾ هندستان جي سرحد تائين، ڍنڍن جو تعداد 100/99 ٻڌايو وڃي ٿو، جن ۾ ڏهاڪو کن مٺيون ڍنڍون ۽ ٻيون لوڻاٺيون/ٻاڙيون ڍنڍون شامل آهن. انهن مٺين ڍنڍن ۾ تڏهري، ٻوٽار، ڪڪُو واري، لانڍي، گپڙي، ڀيٽارو، ڪاهن واري ۽ ڀڻڪي وغيرہ شامل آهن. انھن ڍنڍن مان بارڊر واري پاسي تائين 50/60 ڍنڍون راڄڙن جو چيون وڃن ٿيون. هٿونگي کان اتر طرف، شھر ۽ وڏي ڀٽ ختم ٿيندي ئي هيٺ لھي، ڪلراٺي ۽ سم واري پوٺي جي ساڄي هٿ تي تڏهر ڍنڍ ۽ سامهون، اڇڙي ٿر جون اڇيون ۽ وڏيون ڀٽون آهن.هي علائقو اڄ بہ سھي کان علاوہ ڪارڙي ۽ اڇڙي تتر جو مسڪن بڻيل آهي. ڪلراٺي مان ٿي، ڀٽ تي چڙهڻ سان ئي، سامهون ٻوٽار ڍنڍ جا خوبصورت منظر ڏسڻ ۾ ايندا. هي اتر ڏکڻ ۾ ٽي ڪلوميٽر کن ڊگهي ۽ ڏھہ کان ٻارھن ايڪڙ ويڪري آهي. مٺي پاڻيءَ جي هن ڍنڍ جي پاڻي جو ذريعو، ناري واھہ مان نڪرندڙ ڪاڪاهو ڇنڊڻ آهي، جنھن مان وسڪاري وقت سڌو، ۽ عام حالتن ۾ سم ذريعي پاڻي پھچي ٿو. ڍنڍ ۾ مٺي پاڻي سبب ڪرڙو ۽ ٻين مڇين جي موجودگيءَ جي ڪري، ڍنڍ جي اوڀر ۾ ملاحن جا ڪجهہ گهر، ڍنڍ ۾ ڪجهہ رڇ ۽ ڪنھن ڪنھن مھل رڇن جي رکوالي ڪندڙ ٻيڙي بہ نظر ايندي آهي، جيڪا ڍنڍ جي سونھن وڌائڻ، سياحن کي گهمائڻ جو ذريعو بہ بڻبي آهي. ان کان علاوہ ڍنڍ ۾ موسم آهر، ڪنول ۽ پاٻوڙا بہ ٿين، جيڪي ملاحن جي گذرسفر جو ذريعو بڻجن ٿا.هن ڍنڍ جي اوڀر ۾ ڀٽ تي، ڀڻڪ پير جي درگاھہ ۽ هيٺ ڀڻڪ ڍنڍ آهي، جنھن ۾ گندرف گهڻائي ۾ آهي. ٻوٽار کان اڀرندي لڳولڳ هڪ ٻي مشھور ڍنڍ ڪڪُو واري بہ آهي، جيڪا ٽيھه چاليھه سال اڳ تائين پنھنجو الڳ وجود رکندي هئي، پر پوءِ آيل تيز برساتن سبب، ڪڪُو واري ۽ ٻوٽار جي وچ ۾، بند جو ڪم ڏيندڙ ڀٽ، پاڻي ۾ لڙهي وڃڻ سبب، هاڻ هي ٻئي ڍنڍون ملي هڪ ٿي چڪيون آهي. جڏهن تہ ٻوٽار جي الھندي پاسي لڳو لڳ تمام خوبصورت ڍنڍ وِنگائُو موجود آهي. ٻوٽار جي ختم ٿيڻ کان پوءِ لانڍي ڍنڍ اچي ٿي. هي ڍنڍ مقامي پکين کان علاوہ سياري ۾ ايندڙ لاڏائو پکين، خاص ڪري آڙي جي وڌيڪ اچڻ سبب، ماضيءَ ۾ مشھور رک ۽ شڪار گاھہ بہ رهي آهي.