ٻُوٽِي: نباتات جو ھڪ قسم، جنھن جي اوڀڙ (ول، ٻوٽو، گاھ، پن پاڙون وغيرہ) ۾ ڪاٺيءَ جي ڪا بہ خصوصيت نہ ھجي. مثلا وڻ ۽ ٻوٽي ۾ الڪوھل يا ڪلوروفل ھوندو آھي. ليڪن ٻوٽي انھن خاصيتن کان پاڪ ھوندي آھي. ٻوٽي گهڻو ڪري پسارڪي وکر طور استعمال ٿيندي آھي، جنھن جا پن، تاندورا طب ۾ ڪم ايندا آھن. ڀنگ (سائي ٻوٽي) ڀنگ جي ڳوٽي ۽ گوشت جي ننڍي ٽڪر کي بہ ”ٻوٽي“ چوندا آھن، جمع ٻوٽيون. شاھہ سائين چيو آھي:
” ٻانڀڻ ٿي ٻوٽيون، تہ ڪتا، کينئي ڪيچ جا! “