ٻوڌي ستو

ٻوڌي سَتوَ (ڪتاب ):هي ڪتاب آسودي مل ٽيڪ چند گدواڻيءَ 1927ع ۾ لکي ڇپرايو، جيڪو نئين سنڌي لئبرريءَ جي 33 نمبر ڪتاب طور بلؤٽسڪي پريس حيدرآباد مان پڌرو ڪيو. هن ڪتاب بابت آسودي مل ان وقت لکيو تہ ٻڌ ڌرم جو هن وقت جڳت ۾ نئين سر اڀياس لاڳو آهي. آمريڪا ۾ هارورڊ يونيورسٽي ٻڌ ڌرم جا گرنٿ/ ڪتاب بار کوجنا کان پوءِ هندستاني ماهرن جي مدد سان ڇپائي رهي آهي. هندستان ۾ بہ گذريل ڪجهہ سالن ۾ پڙهيل ماڻهن جو لاڙو ٻڌ ڌرم ڏانهن وڌندو ويو آهي. خوشيءَ جي ڳالھہ آهي تہ اسان جي سنڌڙيءَ بہ انهيءَ ڏس ۾ پٺتي ڪين پئي آهي. ڄيٺمل پرسرام ”Light Of Asia“ جي اوٽ تي پورب جوتي نالي سان گوتم ٻڌ جي جنم ساکي ڇپائي، ان کان پوءِ پروفيسر نارائڻ داس ملڪاڻي ڌرمانند اُسينيءَ جي مدد سان ٻڌ ڌرم جو مکيہ شاستر (دم پد) لکيو. اهڙيءَ طرح آسودي مل پڻ ڌرمانند ڪُسنيءَ جو ڪتاب (ٻُڌ ليلا سار سنگرھہ) جيڪو اصل مرهٽيءَ ۾ لکيل هو، اُن جي گجراتي ترجمي جي اوٽ تي ڪجهہ ترجمو ۽ ڪجهہ طبعزاد ملائي هن ٻوڌي سَتوَ ڪتاب تيار ڪيو، جنهن ۾ هن ٻُڌ جي تعليمات جا 8 اصول تفصيل سان بيان ڪيا آهن ۽ ٻڌ ڌرم جي مطالعي لاءِ هي ڪتاب وڏي حيثيت رکي ٿو“. هي ڪتاب 1927ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو، جنهن ۾ 132 صفحا آهن ۽ آسودي مل هن جي ارپنا سنڌي ٻوليءَ جي اوائلي خدمتگار، پنھنجي سهري سرڳواسي روچي رام گجومل ڪرپلائيءَ کي ڪيو آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو