ٻوڪاني

ٻوڪاني/ ٻوڪي: مٿي ۽ ڳچيءَ کي ڪپڙي ويڙهڻ جو هڪ نمونو. مٿي تي ڪپڙو ڪري، ٻيئي پَلوَ ڪنڌ پويان ٻڌجن يا ڄاڙيءَ هيٺان ڪپڙو ڏيئي، ٻيئي پَلوَ مٿي تي ٻڌجن. اُستاد بخاريءَ جي مشھور لوليءَ ۾ ٻوڪي لفظ هن ريت ڪم آيو آهي:
ڀيڻون توکي ٽوپي وجهنديون ،
اجرڪ آڻي ”ٻوڪي“ ٻڌنديون ،
چوڏس چمڪي تنھنجي چولي ،
سنڌي ٻولي، قومي ٻولي .


لفظ ٻوڪانيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو