ٻوھي وارو ڀڙو

ٻوھي وارو ڀڙو: هيءُ دڙو ديھه عثمان ملي تعلقي فيض گنج ضلعي خيرپور ۾ آهي. ھن دڙي تي ڪافي ٺڪراٺو آھي جيڪو اسلامي دور جو آھي. پر ھي ماڳ جيئن تہ ھاڪڙي ڪپ تي آھي ان لاءِ کوٽڻ سان ڪي وٿون نروار ٿي سگهن ٿيون. ڪن عمارتن جا بنياد بہ ملن ٿا، جيڪي ٻڌائين تہ ھي ڪنھن بستي جي ڦٽل دڙن جا نشان آھن. ھاڪڙي سان گڏ ۽ ڪوٽڏجي جي ڀر وارا ماڳ جانچڻ گهرجن جو اھي سنڌو سڀيتا جون ڪھنيون ڪڙيون ملائڻ ۾ مددي ٿي سگهندا. ھي ماڳ ٻوھو ڳوٺ جي ريسٽ ھائوس جي ڀرسان آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو