ٻوهه

ٻوهه

ٻوھہ

ٻُوھُه: ھڪ قسم جو ٻوٽو آھي، جيڪو سڄيءَ سنڌ ۾ ٿيندو آھي. ٿر ۾ بہ ھيءُ ٻوٽو عام آھي ۽ اھڙو گهاٽو اڀرندو آھي، جو ڄڻ تہ ھن جي پوک ڪيل ھجي. ھيءُ يڪي ٿڙ سان اڀري ۽ ڏانڊين سان جهڳٽو ڪري بہ بيھي ٿو، ھيءُ الڳ بہ اڀرندو آھي تہ ٻيرڙين، موراڙين، کٻڙين ۽ ڦوڳن جي وچ ۾ بہ اڀرندو آھي. ھن ۾ اڇو گول ڦل ٿئي ٿو، جنھن کي ٿري ”ڊونڊڻ“ سڏيندا آھن. ھن ٻوٽي کي ٻڪريون، ڇيلا ۽ اٺ کائيندا آھن. ھن جا ڦل روڙي وھاڻن ۾ وجهندا آھن، جيڪي تمام ڪونئرا ٿيندا آھن. ٻوھہ کي چوپايو مال بہ کائيندو آھي. سڪل ٻوھہ جون ڪاٺيون، غريب ماڻھو ”ٻارڻ“ طور ڪم آڻيندا آھن .
طبي لحاظ کان ھيءُ ٻوٽو پسارڪي وکر طور ڪم ايندو آھي. حڪيمن جي چوڻ موجب پيشاب جاري ڪرڻ ۽ مثاني مان رائي ۽ پٿري ڪڍڻ ۽ مئل ٻار کي پيٽ مان ٻاھر ڪڍڻ لاءِ مفيد آھي .


لفظ ٻوھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو