ٻيجل

ٻيجل

ٻيجل

ٻيجل: سر جي صدا ھڻندڙ مشھور منگتو، جنھن ڪڇ- ڪاٺياواڙ جي راجا راءِ ڏياچ جي سخا جي پرک لاءِ خيرات ۾ سندس سر جو دان گهريو ۽ راءِ ڏياچ بہ سواليءَ کي خالي نہ ڇڏيو، ھٿن سان ڪنڌ ڪپي، منگتي کي ڏئي سرخرو ٿيو. سندس نالو اڄ ڏينھن تائين سنڌ جي سخين (ڏھن ڏاتارن) ۾ ڳڻيو وڃي ٿو .
شاھہ لطيف سر سورٺ ۾ هن ڪردار کي آندو آهي. روايتن موجب اهو لوڪ قصو هن ريت آهي: سال 1003ع ڌاري، جهونا ڳڙھہ تي سمو حاڪم راءِ ڏياچ حڪومت ڪندو ھو، کيس ھڪ ڀيڻ ھئي، جيڪا اولاد لاءِ سڪايل ھئي، ھڪ ڀيري ڪنھن فقير دعا ڪيس تہ:”پٽ ملندئي، پر اھو ئي راءِ ڏياچ جي سسي ڌڙ کان ڌار ڪندو.“ اھو ٻڌي، راجڪماريءَ کان رڙ نڪري وئي، پر لکيو ڪين ٽريو. آخر راجڪماريءَ کي پٽ ڄائو، کيس فقير واري ڳالھہ ياد ھئي، سو ٻارڙي کي صندوق ۾ بند ڪري درياھہ ۾ لوڙھي ڇڏيائين، اھا صندوق لڙھندي اچي راجا انيراءِ جي ملڪ ۾ نڪتي، ھڪ چارڻ ۽ سندس زال درياھہ مان پاڻي ڀرڻ آيا، جن کي اھا پيتي ھٿ اچي ويئي، پيتيءَ مان ان ٻار کي ڪڍي گهر کڻي آيا ۽ مٿس ”ٻيجل“ نالو رکي، پٽ ڪري پاليائون، ٻيجل جڏھن جوان ٿيو تہ کيس گڏھہ ۽ گهوڙا چارڻ لاءِ جهنگ ۾ ڇڏيو ويو. روايت موجب انھيءَ جهنگ ۾ ڪنھن شڪاريءَ ھرڻ جو شڪار ڪري ان جا آنڊا ھڪ ڪرڙ جي وڻ تي اڇلائي ڇڏيا ھئا، جڏھن ڏکڻ جو واءُ لڳندو ھو تہ انھن آنڊن مان اھڙو تہ سريلو ۽ من موھيندڙ آواز ايندو ھو، جو جهنگ جا سمورا پکي پکڻ ۽ جيت جانور اچي ان آواز تي مڙندا ھئا، ھڪ دفعي ٻيجل جي ڪنن تي پڻ ساڳيو آواز پھتو، جنھن انھيءَ آواز جو راز آنڊن ۾ ڳولي لڌو ۽ اھي آنڊا پنھنجي ”چنگ“ (گهڻين تندن واري، سرندي نما ھڪ ساز) تي چاڙھي، وڄائيندو ھو. ھاڻي ”چنگ“ جي آواز تي پڻ سڀئي پکي، جيت ۽ جانور موھت ٿي اچي گڏ ٿيندا ھئا، ائين ئي ٻيجل جي انھيءَ چنگ جي ھاڪ ھنڌين ماڳين ٿي ويئي. جڏھن ٻيجل ڄائو ھو، تڏھن راجا انيراءِ کي پڻ ھڪ ڌيءَ ڄائي ھئي، کيس اڳي ئي گهڻيون ڌيئر ھيون، تنھنڪري ھن ان ٻارڙيءَ کي صندوق ۾ بند ڪري درياھہ ۾ لوڙھي ڇڏيو. اتفاق سان اھا صندوق لڙھندي اچي راءِ ڏياچ جي ملڪ ۾ نڪتي، جيڪا ”رتني ڪنڀار“ کي ھٿ آئي. ”رتنو ڪنڀار“ پڻ اولاد لاءِ سڪايل ھو، تنھن ان نينگريءَ کي ڌيءَ ڪري پاليو ۽ مٿس ”سورٺ“ نالو رکيائين. جڏھن ”سورٺ“ ساماڻي تہ سندس سونھن جي ھاڪ پڻ ھنڌين ماڳين پھچي وئي. اھا خبر جڏھن راجا انيراءِ کي پئي تہ ھن سورٺ جو سڱ رتني ڪنڀار کان گهريو، جنھن رضا خوشيءَ سان ھائوڪار ڪئي. رتنو ڪنڀار، جڏھن مقرر ڏينھن تي ڄڃ سنڀرائي شھر مان نڪتو تہ راءِ ڏياچ کي خبر پئي تہ سندس ئي ملڪ جي ھڪ اپسرا پاڙيسري ملڪ جي بادشاھہ سان پرڻجڻ پئي وڃي، ان تي ھو سورٺ کي کڻائي پنھنجي محل ۾ آيو ۽ شادي ڪري ويھي رھيو. اھا خبر جڏھن راجا انيراءِ تائين پھتي تہ ھو وڏو لشڪر سنڀرائي، جهونا ڳڙھہ تي ڪاھي آيو. ٻارھن مھينا جهونا ڳڙھہ کي گهيرو ڪيائين، پر جڏھن ڪجهہ نہ وريس تہ پنھنجي ماڳ ڏانھن موٽي ويو، پنھنجي ملڪ پھچي راجا انيراءِ پڙھو گهمايو تہ جيڪو راجا راءِ ڏياچ جي سسي وڍي ڏيندو، تنھن کي رتن ٽڪن جو ٿالھہ ۽ ٻيو بہ جيڪو گهرندو سو ڏنو ويندو. اھا خبر جڏھن ٻيجل جي زال ٻڌي، تنھن رتن ٽڪن جو ٿالھہ وٺي رکيو ۽ چيائين تہ ”منھنجو مڙس، راجا جي اھا منشا پوري ڪندو“. ٻيجل گهر موٽيو تہ رتن ٽڪن جو ٿالھہ ڏسي ڏاڍو ڪاوڙيو، پر ھاڻي ڇا پئي ٿي سگهيو. زال وچن ڏيئي چڪي ھئي، ٻيجل ٻي ڪا واھہ نہ ڏسي، سرندو سينگاري، جهوناڳڙھہ روانو ٿيو .
راجا راءِ ڏياچ پنھنجي سخاوت، سورهيائيءَ ڪري گهڻو مشھور ھو، سندس در تان ڪو بہ سوالي، چارڻ ۽ منگتو خالي نہ موٽيو ھو. ٻيجل جهونا ڳڙھہ پھچي، راءِ ڏياچ جي محل ٻاھران تند تنوارڻ لڳو، سندس سرندي جو سوز، ھر ھنڌ پکڙجي ويو، اھو آواز جڏھن راءِ ڏياچ جي ڪنن تائين پھتو، تہ ھن محل جي دري کولي چيو، ”منگتا! گهر، جيڪي گهرڻو اٿئي!“ ٻيجل وراڻيو، ”راجا! مون کي تو سان ’ڳجهہ ڳرھڻو آھي.“ راجا جي حڪم تي، ٻيجل کي چوڏول ۾ چاڙھي، محل ۾ آندو ويو، اتي ٻيجل وري بہ اھڙو چنگ چوريو، جو راءِ ڏياچ، منگتي تي موتين جو مينھن وسائي ڇڏيو، پر ٻيجل جي راجا راءِ ڏياچ جي ڏنل ڏاڻ تي اک ئي نہ ٻڏي، ھو اڃا بہ مست ٿي سرندو وڄائڻ لڳو. راجا راءِ ڏياج نٿي چاھيو تہ ٻيجل سندس در تان خالي وڃي ۽ سنڌ جي راجائن جي سخاوت ۽ سورھيائيءَ تي ڪو ٽڪو اچي، تنھنڪري ٻيجل کي وري چيائين، ”گهر، جيڪو گهرڻو اٿئي!“ ان تي ٻيجل چيو ”مون وٽ مال متاع جي ڪمي نہ آھي، فقط تنھنجي سر جو گهورو آھيان، سر ڏيو تہ منگتي کي مان ملي.“ سنڌ جي سورھيہ سخيءَ بنا دير، ڪٽاري سان ڪنڌ ڪپي کڻي ٻيجل اڳيان ڌريو، ٻيجل، راءِ ڏياچ جو سر کڻي، انيراءِ ڏانھن اسھيو، جڏھن راجا جي درٻار ۾ پھتو تہ انيراءِ چيس، ”ھيڏي وڏي سخي سردار، ڏاتار ۽ سورھيہ جو سر ڪٽي آيو آھين، سو اسان جو ڪھڙو سڄڻ ٿيندين، انڪري ڏيھہ نيڪالي اٿئي. جيڏانھن جو آھين، اوڏانھن ھليو وڃ!“ ٻيجل چرين وانگر ڊوڙندو جهونا ڳڙھہ پھتو، جتي ڏٺائين تہ باھہ جا آڙاھہ پيا ٻرن ۽ سورٺڏاگهہ“ چڙھي رھي ھئي، پاڻ بہ ڌوڪيندو انھيءَ آڙاھہ ۾ ڪاھي پيو ۽ سڙي ڀسم ٿي ويو .
سنڌ ۾ ھي قصو سمن جي سورھيائيءَ جو مقبول مثال بنجي ويو. سما حڪمران اھڙن ڪمن کي پسند ڪندا ھئا، جن ۾ سماج جي سورھيائيءَ جا گڻ ڪارفرما ھجن، ھيءُ واقعو بھادريءَ، سچائيءَ ۽ دان ڏيڻ جو تاريخي مثال ھو، انڪري ان تي اڄ بہ سنڌي قوم فخر ڪري ٿي ۽ سنڌي قوم جي دلين ۾ راءِ ڏياچ سان محبت ۽ پريم قائم آھي .


لفظ ٻيجلھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو