ٻيجل سنڌي
ٻيجل سنڌي: مشھور راڳي ٻيجل سنڌيءَ جو اصل نالو صوفي خالد محمود ولد صوفي عثمان علي خاصخيلي هو. سندس جنم 2 فيبروري 1963ع تي ٽنڊي الھيار ۾ ٿيو. سندس اصل ڳوٺ ڪوٽ مير جان محمد (روشن آباد) تعلقو ڊگهڙي ضلعو ميرپورخاص هو. هن ابتدائي ۽ ثانوي تعليم ٽنڊي الھيار ۽ مير غلام علي ٽالپر گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ٽنڊي محمد خان مان حاصل ڪئي. کيس ننڍپڻ کان ئي علمي ادبي سرگرمين سميت راڳ سان دلچسپي هئي. هو موسيقيءَ جي باقاعده سکيا وٺڻ کانپوءِ سنڌ ۾ قومپرست سياست سان سلھاڙجي ويو. هُن شيخ اياز، استاد بخاري، نياز همايوني، امداد حسيني، بلبل کورواهي، حليم باغي ۽ تاج جويي جي ڪيترن ڪلامن جون ڌُنون ٺاهي ڳايون. 1981ع ۾ سندس آواز کان متاثر ٿي سنڌ جي نامياري دانشور ۽ قومپرست اڳواڻ عبدالواحد آريسر سندس نالو ’ٻيجل سنڌي‘ رکيو ۽ کيس سائين جي. ايم سيد سان ملايو، هو جيئي سنڌ، لطيف سنگت حيدرآباد ڊويزن جو پھريون ڊويزنل آرگنائيزر ٿي رهيو. ٻيجل سنڌي 17 آڪٽوبر 1984ع تي پيش آيل ٽوڙهي ڦاٽڪ واقعي جو نه رڳو اسير هو، پر مٿس سياسي سرگرمين جي ڪري بغاوت جي مقدمن سميت ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيا. جنھن سبب وڏو عرصو روپوشيءَ ۾ گذاريو. روپوشيءَ جي انھيءَ عرصي دوران سندس والد جو لاڏاڻو ٿي ويو. سياسي جدوجھد دوران لڳ ڀڳ ٽي سال جيل ڪاٽيو. سياسي جدوجھد ۾ جيئي سنڌ لطيف سنگت، جساف، جيئي سنڌ تحريڪ، جيئي سنڌ محاذ، جيئي سنڌ پورهيت سنگت ۽ جيئي سنڌ قومي محاذ سان سلھاڙيل رهيو. ان کانسواءِ شگرملز ليبر يونين جو سرگرم ڪارڪن ۽ سنڌ آبادگار شگر مل جي مزدور يونين جو صدر به رهيو. موسيقيءَ جي حوالي سان سندس ڇھه کان وڌيڪ آڊيو ڪئسٽون، هڪ آڊيو ۽ هڪ وڊيو سي ڊي رليز ٿي چڪيون آهن. هن ٽنڊي محمد خان ۾ماروي آرٽ ميوزيڪل اڪيڊمي پڻ قائم ڪئي. 24 آگسٽ 2024ع تي ٽنڊي محمد خان ۾ وفات ڪئي.
1963.02.02 عيسوي
مشھور راڳي ٻيجل سنڌيءَ جو اصل نالو صوفي خالد محمود ولد صوفي عثمان علي خاصخيلي هو. سندس جنم 2 فيبروري 1963ع تي ٽنڊي الھيار ۾ ٿيو.