ٻَيرڙِي: تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ هڪ ديھہ، جنهن ۾ چار ڳوٺ آباد آهن. هتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاءِ جدا جدا پرائمري اسڪول موجود آهن. هن ڳوٺ کي ”ٻيرڙي بخارا“ بہ چون، ڇاڪاڻ تہ اتي بخاري سيد رهن ٿا. مشھور اديب سيد سردار علي شاھہ ذاڪر بہ هن ڳوٺ جو رهاڪو هو، جنهن جي مزار ڀرسان ئي مومل جي ماڙيءَ ۾ آهي. مشھور صحافي ۽ اديب امير بخاري پڻ هتان جو رهاڪو هو. هن ڳوٺ جو بزرگ بھاول شاھہ بخاري سٺو شاعر آهي .