ٻير (ديھہ)

ٻيرِ: ھن نالي سان ضلعي لاڙڪاڻي جي تعلقي وارھہ ۾ ھڪ ديھہ، جنھن ۾ فقط ھڪ ڳوٺ آباد آھي ۽ تعلقي قمبر جي ديھہ ”ٻير آباد“ ۾ ھڪ ڳوٺ جو نالو، ”ٻير شريف“ آھي، جنھن جي آبادي ٻہ هزار کن آھي. ھتي پرائمري اسڪول موجود آھي، سنڌ جو مشھور عالم مولانا عبدالڪريم ٻير وارو، ھتي جو رھاڪو ھو، ھتي سندس مشھور علمي درسگاھہ بہ موجود آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو