ٻيلو/ ٻيلا: سنڌ ۾ خاص طور چئن قسمن جا ٻيلا ٿين ٿا:
دريائي ٻيلا: ھي ٻيلا سنڌو نديءَ جي ٻنھي ڪپن سان بچاءَ بندن جي وچ واري ايراضيءَ ۾ درياھي ٻوڏن سبب ٿين ٿا، ھي ٻيلا سنڌ ۾ وڻڪاريءَ ۾ مک ڪردار ادا ڪن ٿا ۽ ٻوڏ واري پاڻيءَ ۽ زميني ڪٽاءَ کي روڪين ٿا، انھن ٻيلن جي مکيہ وڻن ۾ ٻٻر 60 سيڪڙو، ڪنڊي 14 سيڪڙو، ديوي 12 سيڪڙو، لئي 9 سيڪڙو ۽ ٻيا وڻ پنج سيڪڙو ٿين ٿا .
نھري ٻيلا: ھي ٻيلا اڳ ۾ درياهي ٻيلا سڏبا ھئا، پر پوءِ بچاءَبندن جي تعمير سبب سنڌو نديءَ کان ڌار ٿي ويا ۽ ھاڻي انھن جي واڌ ويجهہ نھري پاڻيءَ تي آھي، جنھنڪري ھنن کي ”نھري ٻيلا“ سڏيو ويندو آھي. ھينئر انھن ٻيلن ۾ پاڻيءَ جي کوٽ، زمين جي ناھمواريءَ، سم ۽ ڪلر ۾ ٻيلن لڳائڻ ۽ انهن جي سار سنڀال لاءِ فنڊن جي کوٽ سبب ڏينھون ڏينھن گهٽتائي ايندي پئي وڃي. ھنن ٻيلن جي مکيہ وڻن ۾ ٻٻر 58 سيڪڙو، ٽالھي 20 سيڪڙو، بيد مشڪ 10 سيڪڙو، ديوي ۽ ٻيا وڻ 12 سيڪڙو ٿين ٿا .
سامونڊي ٻيلا (تمر ):سامونڊي ٻيلا دنيا ۾ ڇھين نمبر تي وڏا ٻيلا تصور ڪيا وڃن ٿا، اھي لوڻياٺي ۽ گهٽ آڪسيجن واريءَ گپ ۾ اسرن ٿا. ماحول جي لحاظ کان اھي قدرتي نظام کي برقرار رکڻ ۾ وڏي اھميت رکن ٿا. مختلف قسمن جي نباتات ۽ حياتيات کي پناھگاھہ مھيا ڪن ٿا ۽ ساڳئي وقت مڇين ۽ جهينگن کي آنن لاھڻ ۽ انھن جي نسلي پرورش ۾ مدد ڪن ٿا. ھنن ٻيلن جي وڻن ۾ 99 سيڪڙو تمر جا وڻ ۽ ھڪ سيڪڙو ٻيا وڻ ھوندا آھن .
چراگاھه: اڪثر قدرتي چراگاھہ ٿر جي وارياسن علائقن ۽ ڪوھستان جي جابلو علائقن ۾ واقع آھن، جيڪي مڪاني ۽ لاڏو جانورن کي چارو مھيا ڪن ٿا. ھن ٻيلن يا چراگاھن جي وڻن ۾ ڪنڊي، نم، ڪرڙ، کٻڙ، لوھيڙو، ٻٻر، ديويءَ جا وڻ وغيرہ ملن ٿا .
ڪيٽي بندر ۾ ٻيلا: ھي ٻيلا ٻن قسمن جا ٿين، ھڪ قدرتي ٻيلا ۽ ٻيو ھٿرادو ٻيلا، ھتان جي مشھور ٻيلن ۾ مولچند ٻيلو، جوراڙ، کڏي، رمل، مولچندي ميرانپور، ٻيلو پناھ، ھريراڻي، پڪو سورجاڻي، ڪچو سورجاڻي، ڪوٽ عالمون، کيرسر ڪيٽي ڪچو، علي بحر ھزاري ۽ ٻيلو گنج بھاريپور/ ڀيلو، منارڪي کوسن جي ڪيٽي، چچ ڪيٽي، مڙھو، ٽڪر وارو ٻيلو، ڪونج، ٻڍاڻي ۽ کاري وارو ٻيلو ذڪر جوڳا آھن .
حيدرآباد ڊويزن ۾ ٻيلا: مياڻي، ڪاٺڙي، محمد خان کٿڙ، کاٽرو، الچي، ھنگوراڻي، راھو، ڪاڪا، خان پوٽا، شاھہ بخاري، گنڍي، ڄام شورو، رائلو، باڍا، ڪارو کھو، ڪيٽي مھراڻي، حاجي پور، ڍنڍ، ڊاٻو، بٺو، ڪيٽي بٺو، راڻو، دلو ڪيٽي، نوري ڪيٽي، وشال، ڪچو ڀاڻوٺ، پڪو ڀاڻوٺ، ڪچو کاڻوٺ، سالارو، ايم. رئيس، کيبراڻي، سيکاٽ، مٽياري، ڪاري، پڪو کاڻوٺ، مريد رئيس، بُٺو، شال، جهرڪي، سڙڪ، ڪيٽي مياڻي ۽ ڪيٽي ھالا .
سانگهڙ/کپري ڊويزن ۾ ٻيلا: ڀوپي/ تراڇو، ڪيٽي، مورھڏي، وڌيل، وارياڻ، نياڻ، کوري سرن واري -1، سرن واري -2، ککرو، ٽي. ايم خان .
نواب شاھہ ڊويزن ۾ ٻيلا: پائي، ڪيٽي جڙيو، ماڙي، محراب پور، مڏ ناصري، ڇٽن شاھه، مڏ، ٽرچي، لاکاٽ، ڪوٽ ڌڱاڻو .
دادو ڊويزن ۾ ٻيلا: قاسم شاھہ ناڙي، ڪنڊي باغبان، ڀان، ڪالو ڀوري، شاھہ ڳڙھ، گگهہ، انڙپور، ٻڍاپور، راڄڙي، مانجهند، آمري، گدڙجي، آباد، جڌرجي، ڪنڌاھ، خيرو ديرو، ڪيٽي لليا، سونا ٻنڊي، ڪچو مگسي، ڪمال ديرو، ٻڍو ديرو، سوئي مانجهند ۽ راڄڙي .
ميرپور ماٿيلي ۾ ٻيلا: ميرپور فاريسٽ، سرحد فاريسٽ، واسر فاريسٽ، جروار فاريسٽ ۽ عادلپور ۽ سلطان پور فاريسٽ .
سکر ڊويزن ۾ ٻيلا: باگڙجي ۽ ڪيٽي باگڙجي، آندل دل، گوندڪ، اولڊ گبلو، سندراڻي، شاھہ ٻيلو، ڪيٽي شاھو، ٻنڌي ڌاريجا، ڊنگ، ڪيٽي شاھ، پنھواري، ايس ڪي شاھو، کائي ٻنڊي، ڪيٽي آباد، روھڙي، ڪاتيا، چانگي، عزيز پور، واحد پور، بھاب، ٻڌ، لالو والي، ورستي جھان پور ۽ سڌوجا رونٽي .
خيرپور ڊويزن ۾ ٻيلا: گانگ، ناريجا، مالھي، گنڊي، شاھاڻي، مڱڻيجا، راحت، ميلھاڻ، عبدالله ڪلھوڙو، ڪيٽي پير صاحب، ڪيٽي پانڌي، دودو ڀٽو، ڪيٽي مھاڙي، ڪيٽي نائچ، اولڊ ۽ نيو ڪشمير، ڪٽوھڙ، ڪيٽي ايورو ڪنڀار، ڍانڍڻ، نيامو، بابل، بُٺ مڱڻيجا، بُٺ گهمرا، فريد آباد، ڀنڀو خرم، چاچڙ، لنڌري، ڀٽي مھاڙي، سدا بھار پير قاسم، مياڻو خواجه، ڀڻڪي، لالو ڳوٺ، ڀاڀا، پير وسند، جتوئي، ٽنڊو مير علي، سيال، ڊرگه، راضي ديرو ڪورائي، نورپور، مھيماڻي، منگي، ماڙي، نواڙو، ڇٽو چنو، ڪوٽ چاڻ، موسو ٻگهيو، تارين وارو، ڪيٽي نورپور، ڪيٽي کھڙو، مھاڙي، آگن، خانان، ڪيٽي کھڙو، ابڙي پوٽا، ٻيلي گاجي، ٻيرن وارو، شاھن وارو، صاحب ڏنو، عمر وارو وارھ، صاحب فقير، گلزار وارو، آڏواڻي وارو، مياڻ وارو، ڪرمتي، سيد وارو، نيامو، ڀڳتو وارو، فقير وارو، حويلي، پير مسافر، گنبٽ، کھڙا، چمٽي، ڦاڙوئڙن، ساڳو، بکن وارو، گندي، ٽڪرا ايريا، ٽاپڻو ۽ باغ، ٻيلھاٽ .
نوشھري فيروز ڊويزن ۾ ٻيلا: مٺياڻي، ڀورٽي، دليپوٽا، ايم ديرو، ڀور ۽ ڪمال ديرو .
جيڪب آباد ڊويزن ۾ ٻيلا: گندڪ، جاڳڻ، ديھو، نيو ڳلوم گڍير، گيھل پور ۽ مکڻ باڊڻ .
شڪارپور ڊويزن ۾ ٻيلا: ڳڙھي ياسين، مھرو مري ۽ آندل .
لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ٻيلا: آگاڻي، امروٽ، نئون ديرو، مدئجي، بھمڻ، جهانجهرڪو، حسن واھڻ، ساڌناڻي، حيات ڳاڙھو، ڦليل/ڪاٺوڙو، مڙھو ڪوٽڙي، ٻڍاڻي، بن، جماڻي، خاناڻي، مليرڙي، کاسو، کيرسر، سورجاڻي، گنج، پنھوار، علي بھار، چڪيٽي، منارڪي، ڀانڊي ڀور، پڪو، الھہ بخش، اڇ مڙھو، مولچند، جراڙ، کوکر ٻڌڪا ۽ گهارڪو .
حيدرآباد ريجن ۾ ٻيلا: مولچند، ڪاتيار، پنھ، ھديراڻي، ھزاري، گنج، سورجاڻي، نبي سر، چور مئنيجمينٽ ۽ ڪوٽ غلام محمد .
ڊائريڪٽوريٽ سرڪل ۾ ٻيلا: مياڻي، ڪاٺڙي، پائي، ميرپور ماٿيلو، ٿرپارڪر، محمد خان، مولچند، مھسڙو، لعل پير، امروٽ، مدئجي، ٽاٽڙي، سيلھاڻي، گاجي ديرو، باگي شاھہ بيگ، جانجهرڪو، عاقل، ربُو مريد، غيبي ديرو، مرزاپور ۽ چنداڻي .
ڦٽو سرڪل ۾ ٻيلا: چوھڙ، کڏئجي، آبدار، ڪاٺوڙي، اميلاڻو، ڀاڏ، گڏاپ، شاھي چنڊ، کارا موئدان، ھرج ڪنڊ، ڪڍ، واڻ ڪنڊ، جگار، مانڊڙو، شورنگ گڏاپ، داٻيجي، ڍاندو، گهنگهر، ڪوھستان، ريڻ پيٽياڻي، بابر بُنڊ، ڪلو، ڪلو کوھر، لوياڇ ملڪ دودو خان، سري، سينگ، اٺ پلاڻ، ٽڪ، ڪاپٽ، مول، رڙي، بُخاري، ويرڻ، سونڊا، ھيرا، علي گنج، لالنگهہ، ٻجورا ۽ لوياڇ ملڪ سردار خان .