ٻيلاٽيون: ننڍن ٻيٽن تي ننڍا وڻ ڄمندا آهن، انهن کي ٻيلاٽيون چوندا آهن. يعني ننڍيون ٻيٽاريون جن تي ننڍڙا ٻيلا ٿيندا آهن. ٻڪرار ٻڪريون ٻيڙين تي چاڙهي ٻيلاٽن ۾ وڃي لاهيندا آهن. ٻيلي ۾ مال چاريندڙ ماڻهو پنچريءَ جي پاس ٻيلي وارن کان وٺندا آهن. رشوت ۾ ڇيلا- ائٺون، گابا، گابيون، وڇون، ڪونها بہ ڏيندا آهن. شاھہ لطيف، ٻيلاٽي لفظ کي سُر سريراڳ جي هڪ وائيءَ ۾ ڪتب آندو آهي:
متان مون کي ڇڏئين، ٻيلي سندا ٻان،
ٻاجهہ ٻيلاٽي ڀانيان!
وِلها سڀ ونهيان ڪيا، تنھنجي جود جوان،
ٻاجهہ ٻيلاٽي ڀانيان!