ھيءُ شھرتعلقي ۽ ضلعي سجاو ۾،سجاول شھر کان 13 ڪلو ميٽر اتر طرف، سنڌو درياهه جي اوڀرندي ڪناري آباد آھي. ھي شھر تاريخ ۾ چوٿون ڀيرو آباد ٿيو آھي، جڏھن ته ھن کان اڳ ٽن مختلف ھنڌن تي آباد ٿيڻ کان پوءِ درياهه جي موجن جو شڪار ٿيندو رھيو. ھي شھر سجاول کان آڳاٽوآھي، جو پاڪستان قائم ٿيڻ کان اڳ 1856ع ۾، انگريزن پاران، انتظامي يونٽن جي ڪيل نئين سرجوڙجڪ موجب ٻيلو، ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جي شاهه بندر (ڊپٽي ڪليڪٽوريٽ) جو تعلقو ھو. ٻيلو اُن وقت صدر مقام ھو، جڏھن ته مختيارڪار/ڪاردار سجاول ۾ ويھندو ھو. 1862ع تائين اھڙو رڪارڊ دستياب آھي. ’ھيوز‘ جي گزيٽيئر موجب 1874ع ڌاري، ٻيلي تعلقي ۾، فقط ’سجاول‘ اھڙو ڳوٺ ھو، جنھن جي آبادي 800 فردن کان مٿي ھئي.سجاول شھر جي اوج کانپوءِ،1880ع ۾، ٻيلي جي تعلقي واري حيثيت کي ختم ڪري، سجاول کي تعلقو بڻايو ويو. مولانا محمد سليمان ٻنوي ۽ مولانا علي محمد مھيريءَ جي استاد شيخ الحديث مولانا حامدالله ٻيلوي (وفات 1919ع( پڻ، ھن شھر جو رھاڪو ھو، جتي ھُن پنھنجي وقت جو بھترين مدرسو پڻ قائم ڪيو، جيڪو سندس سجاول لڏي وڃڻ کان پوءِ درياهه جي اُٿل پُٿل سبب باقي نه رھيو. ٻيلو ھن وقت يونين ڪائونسل جو درجو رکي ٿو. ھتي گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول، گرلس مڊل اسڪول، ڪيترائي پرائمري اسڪول، بنيادي صحت مرڪز، جانورن جي اسپتال، ٽپال گهر ۽ پوليس ٿاڻو قائم ٿيل آھن. شھر کي سوئي گئس ۽ واٽر سپلائي جي سھوليت به ميسر آھي. 1921ع ۾، انگريز دؤر جو ٺھيل آبپاشي بنگلو بہ اھميت رکي ٿو، جتي اڳوڻو وزيرِ اعليٰ ممتاز علي خان ڀٽو،شڪار لاءِ اچي رھندو ھو. سندس ئي دؤر ۾، شھر کي بنيادي سھولتون حاصل ٿيون.سنڌو درياهه جو سورجاڻي بند، اُتر طرف 2 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آھي، جتان 2010ع واري ٻوڏ ۾ اِھو بند ٽٽو ۽ سڄو شھر پاڻي ھيٺ اچي ويو. ھي شھر روڊن ذريعي چئني پاسن کان ٺٽي، ٽنڊي محمد خان، بدين ۽ سجاول ضلعن جي سڀني ننڍن وڏن شھر سان ڳنڍيل آھي. ھن وقت شھر جي آبادي لڳ ڀڳ چار ھزار آھي.