ٻيلو پتڻ

ٻيلو پتڻ: ھيءُ ضلعي دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ جي ديھہ ”خانپور“ ۾ ھڪ قديم ڳوٺ آھي، ھتي اوائل ۾ فقط 15 گهر ھوندا ھئا، جيڪي ملاحن جا ھئا. انھن ۾ ٻہ ڀائر، ٻيلي ۽ عيسو نالو رھندا ھئا، اھي ٽوٻا بہ ھوندا ھئا. ٻيلي وٽ پنھنجون ٻيڙيون بہ ھونديون ھيون، جيڪي ھو پتڻ تي ھلائيندا ھئا، ان ڪري آسپاس جا ماڻھو ھن پتڻ کي ”ٻيلي جو پتڻ“ ڪري سڏيندا ھئا، ھن وقت ھتي کھڙا، ڀٽا، جويا، ٻٻر، آرائين، ابڙا، ڪولاچي ۽ ٻين ذاتين جا ماڻھو رھندا آھن، جنھن ڪري تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ جو چوٿون نمبر وڏو ڳوٺ شمار ڪيو وڃي ٿو. هن شھر جا مير محمد ”ميرل“ جويو ۽ ”روشن“ جويو سٺا شاعر ۽ اديب آهن، جيڪي هن وقت ترتيبوار سن ۽ ڄام شوري ۾ رهن ٿا .


هن صفحي کي شيئر ڪريو