ٻيلو گُٻِلو: هن نالي سان گهوٽڪي ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ ٻہ ديهون آباد آهن. هڪ تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ آباد آهي، ٻي ديھہ تعلقي ڪشمور ۾ آهي، جنهن ۾ ٻہ ڳوٺ ’ڄام عمان لڌڙ‘ ۽ ’ميان فضل الرحمٰن‘ آباد آهن .