ٻيو پاسو (ڪتاب ):هي هند ۾ رهندڙ مشھور سنڌي اديب، ڪهاڻيڪار ۽ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا ”جي اڳواڻ سندر اگناڻي جي ڪارٽونن جو مجموعو آهي، جيڪو سنڌي ٽائيمس پبليڪيشن ’الهاس نگر‘ جي پبلشر نارائڻ ڀارتيءَ 1998ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو هو. هي ڪارٽون هفتيوار سنڌي ٽائيمز ۾ مختلف وقتن تي ڇپيا رهيا، جيڪي پهريون ڀيرو ڪنهن سنڌي اخبار پاران گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڏنا ويا آهن. ڪارٽون ڏسندي ڪجهہ کلجي ٿو، ڪجهہ سوچجي ٿو، سچ پچ تہ ڪارٽون جو مطلب اهو آهي تہ کلندي کلندي ملڪ، سماج، شھر يا واقعن بابت ڪجهہ سوچڻ جو موقعو ڏئي. سندر اگناڻي جي ڪارٽونن جا ٻہ ٻيا مجموعا بہ ڇپجي چڪا آهن، جن مان ”رهنديون“ سھڻي پبلڪيشن جئہ پور پاران 1997ع ۾ ۽ ٻيو ڪتاب ”اديبن کي آداب“ سنڌي ٽائيمز پبليڪيشن الهاس نگر پاران نومبر 2003ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. هنن ڪارٽونن جي خوبي اها آهي تہ سنڌي اديبن، سنڌي ادب، سنڌي اڳواڻن ۽ سنڌي سماج جا ڪيترائي رخ تنقيدي نظر سان پيش ڪيا آهن .