ٻيڙو مير بحر

ٻيڙو مير بحر: ٻيڙو مير بحر سنڌ جي قومي راند ملھہ جو مشھور پهلوان ٿي گذريو آهي. هن پهلوان جو اصل ڳوٺ رمضان مير بحر، ضلعي ٽنڊي الهيار ۾آهي ۽ هن پهلوان کي ملھہ جو شوق پنهنجن وڏن کي ڏسي پيدا ٿيو. هن پهلوان جو پيءُ، چاچو ۽ ڏاڏو بہ سٺا ملھہ پهلوان ٿي گذريا آهن، جن کي ڏسندي هن کي بہ ملھہ جو شوق جاڳيو. هن ملھہ جي ابتدا پنھنجي ڳوٺ کان ڪئي. ملھہ جي تربيت پنھنجي سئوٽ اميد علي مير بحر کان ورتائين. جڏهن ملھہ سکي تيار ٿيو تہ پهلوان اميد علي کيس شاگرديءَ جو ڌاڳو ٻڌو ۽ ملاکڙن ۾ وڃڻ جي اجازت ڏني. ٻيڙو پهلوان پنھنجي ڳوٺ ۾ هڪ مهينو ٽئين جوڙ ۾ وڙهيو ۽ جلد ئي ترقي ڪري، ٻئي جوڙ ۾ پهتو هيءُ هڪ ڪامياب پهلوان آهي.


لفظ ٻيڙو مير بحرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو