ٻيڙيءَ وارو سنت

ٻيڙيءَ وارو سنت: ٻيڙيءَ واري سنت جو اصل نالو شري نرتم هو. هن جو جنم 1865ع ڌاري پنجاب جي ڳوٺ هريپور ۾ سارسوت برهمڻ شري سکوپا جي گهر ۾ ٿيو. هن هوش سنڀالڻ بعد حيدرآباد جي گرو مندر ۾ رهائش اختيار ڪيائين. هيءُ بزرگ صفت انسان هو. شروع ۾ ڪراچي ۾ ڪجهہ وقت رهيو، پر پوءِ گرومندر حيدرآباد ۾ اچي ديرو ڌمايائين. سري نروتم اڃا اٺن ورهين جو مس هو تہ سندس والد وفات ڪري ويو. ۽ پوءِ سندس ماءُ امر ديويءَ کيس پالي وڏو ڪيو. هن کي ننڍپڻ کان ئي ڳائڻ جي ڄڻ تہ ڏات مليل هئي. هن پنڊت رام بابا وٽان سنسڪرت سکي. شاسترن جو اڀياس ڪرڻ سان گڏ ملتان جي جوتشي فتحچند کان جوتش وديا جو گيان ورتائين. هيءُ باباڪانداس نالي بزرگ کان راڳ پڻ سکيو. سندس والدہ هن جو وهانءُ ڪرائڻ چاهيو تہ بنھہ جواب ڏنائين. هي اڪثر جهنگن ۾ وڃي تياڳ واري صورت ۾ رهندو هو. گروبندر تي ڏيرو اڏڻ بعد پريمي سندس درشن ڪرڻ ۽ من جون مرادون ماڻڻ لاءِ هن جي حاضري ڀري کانئس دعائون وٺندا هئا. جنهن تي اڪثر ڪري هيءُ مڙني پريمين کي سادگيءَ واري زندگي گذارڻ، روحانيت ڏانهن مائل ٿيڻ جو درس ڏيندو هو. هيءُ سائلن جي پئسي پائيءَ ۾ بہ مدد پڻ ڪندو هو. کيس گيان ڪندڙ، ودوان، نماڻو دياوان، سنت سمجهيو ويندو. هن مئي 1963ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1865.00.00  عيسوي

ٻيڙيءَ وارو سنت: ٻيڙيءَ واري سنت جو اصل نالو شري نرتم هو . هن جو جنم 1865ع ڌاري پنجاب جي ڳوٺ هريپور ۾ سارسوت برهمڻ شري سکوپا جي گھر ۾ ٿيو .


1963.05.00  عيسوي

ٻيڙيءَ وارو سنت: ٻيڙيءَ واري سنت جو اصل نالو شري نرتم هو . هن مئي 1963ع تي وفات ڪئي .



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شمني
عبدالرزاق سومرو شھيد
خليفو خدابخش سولنگي
سيد محمد مڪي رحه
سمر سجوڙو
عدنان صديقي
بھادر خان ازبڪ
آخوند احمد سانوڻي ھالائي
حاجي خان محمد مڱريو
سر شاهنواز خان ڀٽو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون