
ٻيڙي

ٻيڙي
ٻيڙين جا قسم: اوائلي دور ۾ جڏهن انسان درياھہ جي ڪنارن تي اچي آباد ٿيا ۽ درياھہ جون مڇيون ماري کائڻ لڳا، تڏهن کين درياھہ ۾ ترڻ جي ضرورت محسوس ٿي. ضرورت ايجاد جي ماءُ آهي ۽ هنن درياھہ ۾ترڻ لاءِ پهريائين ڪکن جا تُرها ٺاهيا. سنڌو درياھہ جي ڪنارن سان ڪانهن ۽ سَرَ هئا، جيڪي وڍي ۽ سُڪائي، انهن جا تُرها ٺاهيا ويا، جن تي هڪ ٻهَ يا وڌيڪ ماڻهو درياھہ ۾ تري سگهندا هئا. اڳتي هلي تُرَهي کي وڏو ڪري سَرَن يا ڪانهن جي ڇپري ٺاهي، ان کان ’سڙھہ‘ جو ڪم ورتائين .
بُنڊ: ٻيڙين جي رواج کان اڳ ۾ ڪاٺ جا سُڪا بنڊ درياھہ ۾ لاهي انهن تي ماڻهو ترندا هئا، اڄوڪي دور ۾ بہ درياھہ جي ڪپ وارا ماڻهو بُنڊَن تي تري پار ويندا آهن .
تَر / تريون: ماڻهن ۾ وڌيڪ سوچ اچڻ کانپوءِ وڏن ٿلهن ٿُڙن کي ڳولي، انهن جي وچ مان بوکر ڪڍي، ٻيڙيءَ جيان ٺاهيائون، جن تي ٻہ ٽي ماڻهو آسانيءَ سان تري سگهندا هئا. لوھہ واري زماني ۾ وڏي ڪاٺ کي وچ تي خانو ٺاهي، ان جو اڳيون ۽ پويون حصو، ڪهاڙيءَ سان تَري ٺاهي، تَريون بنائي ٻيڙيءَ وانگر هلائيندا هئا. اهو ڄڻ تہ ٻيڙيءَ جو بنيادي تصور هو .
ماٽي (ٺڪر جي)، مٽ، دلو: ٺڪر جي ماٽي، مَٽُ دِلو پڻ ترڻ جي ڪم ايندا آهن .
ٽَلو / تَرهو: پنج ست يا وڌيڪ ڪاٺ جا بنڊ هڪ ٻئي سان ڪانهن جي وٽيل نوڙين سان ٻڌي ٽلو ٺاهيندا آهن، جنهن تي ڪافي ماڻهو ويهندا آهن. ٽَلي کي لئيءَ جي لڪڙي سان، (جنهن کي پنڃر چئجي ٿو)، هلائيندا آهن .
تنبو: ڪدوءَ جا تنبا بہ ترڻ جي ڪم ايندا آهن. ماڻهو تکي ترڻ لاءِ تُنبي کي سُٽَ جي ڌاڳن سان ’اٽھہ‘ وجهي چيلھہ ۾ ٻڌي ترندا آهن .
سيڻھہ يا سيڻاھہ: سيڻھہ يا سيڻاھہ ٻڪريءَ جي کل مان ٺهندي آهي. سيڻھہ کي پوين ٽنگن ۾ اَٽھہ پيل هوندا آهن، جن ۾ ’سيڻاهيو‘ ٻئي ٽنگون لنگهائي، سيڻھہ کي ڦوڪيندو آهي. سيڻھہ کي ڦوڪڻ کان پوءِ هو سيڻھہ کي اُرھہ ۾ آڻي، سيڻھہ جي هوا واري نَڙي ڏندن جي وچ ۾ ڏيندو آهي ۽ زبان جي چوٽيءَ سان هوا بند ڪري ڇڏيندو آهي ۽ هوا گهٽجڻ تي ان کي ٻيهر ڦوڪي بہ سگهندو آهي .
سنڌو درياھہ ۾ ڪيترن ئي قسمن جون ٻيڙيون وهنديون رهيون آهن. ماضيءَ ۾ سمورو درياھہ ٻيڙين سان ڀريو پيو هوندو هو. هاڻي سنڌو سُڪندو پيو وڃي تہ اهي ٻيڙين جا نمونا بہ ختم ٿي ويا آهن يا گهٽبا پيا وڃن، انهن مان ڪجهہ نمونا هن ريت آهن:
ڪؤنتل: ڪؤنتل ٻيڙي، سنڌي ٻيڙين ۾ سھڻي ٻيڙي آهي. ڪؤنتل جا مُهرا سوڙها ۽ پلاند ڊگها ٿيندا آهن. چيو وڃي ٿو تہ ڪؤنتل مهراڻ مهاڻي جي ٺهيل ٻيڙيءَ جي نموني تي ٺهندي آئي آهي. 19هين صديءَ جي شروعات جي وڏي ٺهيل ٻيڙي (ڇو تہ ان کان اڳ ۾ وڏيون ٻيڙيون عام موجود هيون)، جيڪا هڪ سؤ خرار (ٽي هزار مڻ) پڪي اَن جو بار کڻندي هئي، ان جو نالو ’محفل‘ هو. محفل ٻيڙي مانجهندن جي هڪ هندو سيٺ جي ٺهرايل هئي، جيڪا 1940ع تائين درياھہ تي وهندي هئي، آخر ۾ اُها ٻيڙي پندرهن سورهن سال ’رڪڻ تڙ‘ جي ملاح ’گل‘ وٽ موجود هئي. اُن محفل ٻيڙيءَ تي ويھہ جوان ڪم ڪندا هئا .
گرڙ بتيلو: هيءُ بتيلو سکر جي هڪ ملاح ارڙهينءَ صديءَ جي آخر ۾ ٺهرايو هو، جيڪو محفل ٻيڙيءَ کان بہ گهڻو بار کڻندو هو. اڻويهين صديءَ ۾ ٻي ٻيڙي، جيڪا ڪراچي ۾ ابراهيم حيدريءَ ۾ ٺھي هئي، اها پهرين سنڌي ٻيڙي هئي، جيڪا سامونڊي تڙ تي ٺھي هئي، جنهنڪري ان جو نالو ’ڪراچي‘ رکيو ويو هو، اها ٻيڙي سيتا ڳوٺ جو ناکئو محمد هاشم سيتائي ۽ سندس ڀائر هلائيندا هئا .
بتيلو (بنا پاتاري ):ڪؤنتل ۽ بتيلي ۾ فرق هيءُ ٿيندو آهي تہ ڪؤنتل جا پلاند ڊگها ۽ مُهرا سوڙها ٿيندا آهن. بتيلو پلاند يعني ڊيگهہ ۾ سوڙهو ٿيندو آهي ۽ اُن جا مهرا ڪؤنتل کان ويڪرا ٿيندا آهن. باقي جمڙدو ۽ ڳڙھہ ڳلي ساڳي ڪؤنتل جهڙي هوندي اٿس. پاتاريءَ واري ڪؤنتل ۽ پاتاريءَ واري بتيلي کي وڌيڪ رڳو پاتاري، جمڙدو ۽ ڳڙھہ هوندا آهن. بنا پاتاريءَ واري ٻيڙيءَ کي جمڙدو، ڳڙھہ جي مٿان لڳندو آهي، باقي ٻيا سامان ساڳيا ٿيندا آهن. ڪؤنتل يا بنا پاتاري بتيلي ۾ رڳو پاتاريءَ وارو حصو نہ هوندو آهي .
جَهمٽي: جهمٽي بہ ڪؤنتل ٻيڙيءَ کي چئبو آهي، جيڪا نئين تيار ٿي درياھہ ۾ لهندي آهي. اوائلي زماني جي ڏندڪٿائي روايت موجب نئين ٻيڙيءَ کي تيتر نہ وهائيندا هئا، جيتر ديوتا اُن ٻيڙيءَ تي سير نہ ڪندا هئا. اُن ڪري ٻيڙيءَ کي ٻنهي مُهرن تي موڙ سجائيندا هئا ۽ شِوَ مهراج کي راضي رکڻ لاءِ ٻل چاڙهيندا هئا. واسو ٿيڻ کان پوءِ جهمٽي درياھہ شاھہ تي هلندي هئي. مسلمان ملاح بہ جهمٽيءَ کي سينگاري، پهرين پنھنجي مرشد کي ٻيڙيءَ تي چاڙهي سير ڪرائيندا هئا. اهڙي جشن ۾ عورتون هڪ لوڪ گيت سهرن وانگر چونديون هيون:
حضرت پير چڙھہ جهمٽيءَ تي،
پير رکندو آ مرشد تون!
جهمٽي، ٻيڙيءَ جو ڪو خاص قسم ناهي، پر نڪور ٻيڙي جڏهن درياھہ ۾ لهندي آهي ۽ ان کي سينگاربو آهي تہ ان ٻيڙيءَ کي ’جهمٽي‘ چوندا آهن .
دنگي: دنگيءَ کي ’ڪَنڊي واري ٻيڙي‘ بہ چوندا آهن، دنگي درياھہ ۾ بہ وهندي آهي ۽ سمنڊ ۾ بہ وهندي آهي. واڻ / واهڻ ٻيڙا پڻ دنگيءَ جي نموني ٺهيل هوندا آهن .
واڻ يا واهڻ: هي ٻيڙا وڏا ٺهيل هوندا هئا، جن کي غورابُ بہ چوندا هئا. اهي سنڌو درياھہ جي بندرن تي ٺهندا هئا ۽ انهن جون مَرامتون بہ ملاح پنهنجن پنهنجن تڙن تي ڪرائيندا هئا. اهي ٻاهران واپار ڪري سنڌ ۾ آڻيندا هئا ۽ سنڌ مان سامان کڻي ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندا هئا .
ڪٽار: ڪٽار ٻيڙي پڻ دنگيءَ جهڙي ئي ٿيندي آهي، پر اُن جو تَرُ سڌو هوندو آهي، ڪٽار کي ڪنڊيءَ وارو تر نہ ٿيندو آهي. ڪٽار بار کڻڻ يا پتڻ جو ڪم ڏيندي آهي. ڪٽار کي ننڍي ٻيڙي هئڻ ڪري بتيلو بہ چوندا آهن. هن جو مهرو سوڙهو ٿيندو آهي. هن ۾ هڪ ٿلهي ڦرهي اڳيان لڳل هوندي آهي، جيڪا سونڍ جو ڪم ڏيندي آهي. وڏين ڪٽارن کي لڪ مٿان چئن مُنين تي دالان بيهاريندا آهن. ڪٽار ڪاهڻ ۾ آسان ۽ هلڪي هوندي آهي، ڪٽار ٻيڙي، ڪشميري ٻيڙين سان پڻ نسبت رکي ٿي، ياد رکڻ گهرجي تہ دنگيءَ کي ڪٽار نٿو سڏي سگهجي .
ڊونڊي: ڊونڊيءَ جو نمونو ڪؤنتل جهڙو هوندو آهي، ڪؤنتل چئن پنجن سون مڻن کان ٽن هزار مڻن تائين يا ان کان بہ وڌيڪ بار کڻندڙ ٻيڙي هوندي آهي، جڏهن تہ ڊونڊيون اڪثر مڇي مارڻ جي ڪم اينديون آهن. ڊونڊي ٻيڙيءَ جو سڙھہ مستطيل جهڙو هوندو آهي. ڪن واهن تي ڊونڊيون پتڻ جو ڪم بہ ڏينديون آهن. ڊونڊيءَ کي ڳن جو ’سُکان‘ ٿيندو آهي ۽ ڳن جي زور تي ڊونڊي اور پار آڻي سگهبي آهي. ڳن موڙي ڊونڊي کي هلائبو آهي .
هُڙهيو: هيءُ ڪٽار کان ننڍو ٿيندو آهي ۽ مڇيءَ مارڻ جي ڪم ايندو آهي. سڙھہ واري هڙيي کي ويڻو ٿيندو آهي، ان کان سواءِ ڳن بہ ٻڌل هوندو اٿس. اڳئين زماني ۾ ننڍا هُڙهيا وڏين ٻيڙين تي رکيل هوندا هئا ۽ ضرورت وقت پاڻيءَ ۾ لاٿا ويندا هئا. وڏي ٻيڙي درياھہ ۾ بيهندي هئي تہ هڙهيا پاڻيءَ ۾ لاهي، ملاح ۽ پاتڻي انهن ۾ چڙهي ڪناري تي پهچندا هئا. ڪنارن وٽ جيڪڏهن پاڻي تانگهو هوندو هو ۽ وڏي ٻيڙي ڪناري کان پري ٿي بيهندي هئي تہ پوءِ هڙيي تي ملاح چڙهي ڪناري تي پهچندا هئا .
ڪؤنٽيو: ننڍڙن بتيلن کي ڪؤنٽيو چوندا آهن. ڪونٽيا تر جو سڌريل نمونو آهن. ڪؤنٽيا هلڪا ٿيندا آهن ۽ انهن کي ڪم لاهڻ کان پوءِ ٻہ ماڻهو مٿي سُڪيءَ تي کڻي رکندا آهن. ڪؤنٽيا مڇي مارڻ جي ڪم بہ ايندا آهن، تہ پتڻن تي هڪ ٻن ماڻهن کي تڪڙي پهچائڻ لاءِ بہ استعمال ڪيا ويندا آهن. ڪؤنٽئي جي جوڙجڪ ڪٽار جهڙي هوندي آهي .
گاليو: گاليو بہ هُڙهئي جهڙو ٿيندو آهي. گاليو خاص ماڻهن جي سير لاءِ ڄڻ تہ هڪ ننڍو هڙهيو هوندو آهي، جنهن ۾ بئنچون ٺهيل هونديون آهن، جن تي بخمل جون گديون بہ رکيل هونديون آهن. ملاح اهي گاليا سير تفريح لاءِ خاص تيار ڪري بيهاريندا آهن، جن ۾ سير تفريح جا شوقين ماڻهو چڙهي درياھہ جو چڪر لڳائي وٺندا آهن .
ڊاڪٽر بلوچ ”گاليو“ اهڙي ٻيڙيءَ کي چوي ٿو جيڪا ڪاٺ جو ٿڙ وچ مان ڪوري ٺاهجي ٿي، جنهن کي هتي تَر چيو ويو آهي. منڇر ۾ گاليو اهڙي ٻيڙيءَ کي چون ٿا، جنهن ۾ گهر ٺهيل آهي، اهي لانگ ٻيڙيءَ جي ترميمي صورت آهن ۽ پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ منڇر ۾ ڏسجڻ لڳيون آهن. انهن جاآڳيل ۽ پاڇيل وارا تخت سڌا ٿين ٿا، جنهن ڪري اها وڌيڪ ڪارائتي آهي .
نيھہ: لطيف سائينءَ نيھہ لفظ ٻيڙيءَ لاءِ ڪم آندو آهي، ’نيھہ‘ کوڙيل ڪاٺيءَ يا منيءَ کي بہ چئبو آهي، پر هتي مطلب ٿيو پڳھہ لڳل ٻيڙي .
مڪڙي: هر نموني جي ٻيڙيءَ کي ’مڪڙي‘ چيو ويندو آهي. سنڌ جي مشھور شاعر، خليفي گل محمد ’گل‘ پنھنجي شعر ۾ مڪڙي لفظ هيٺينءَ ريت ڪم آندو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو تہ مڪڙي، ٻيڙيءَ جو ئي ٻيو نالو آهي:
ڇوڙ مڪڙي، بيھہ مَ، وٺ رس، جُوانَ رڙھہ ،
هير جي ساڄي لڳئي، کڻ جلد سڙھہ .
لطيف سائينءَ پڻ چيو آهي تہ:
تن تنيندو آءُ، مَک ڏيهاڙي مڪڙي!
تراز يا ترازو: هيءَ دنگي نما ٻيڙي ٿيندي آهي. اڳئين زماني ۾ سمنڊ ۾ وهندڙ واهڻ يا واڻ، جيڪي جوڙجڪ ۾ دنگيءَ جھڙا هوندا هئا، پر سندن نمونو انهن کان ٿورو مٽيل هوندو هو، ان قسم جي ٻيڙيءَ کي ’تراز‘ چوندا هئا. تراز ڪنارو ڏئي وهندا هئا. واهڻ کان هلڪا هوندا هئا ۽ واءَ جي ڌپي تي بہ هلندا هئا. لطيف سائينءَ پڻ ’ترازو يا تراز‘ کي ڳايو آهي .
نائو / ناؤ: سنڌو نديءَ جي ڊيلٽا وٽ درياھہ چراچرا ٿي ويندو آهي. انهن چرن يا پاڻيءَ جي ڀاڱن کي ملاح ’نائو‘ چوندا آهن. خود سمنڊ پڻ ڪنارن ۾ اندر نھر وانگر لنگهي ويندو آهي، تہ ان کي بہ نائو چوندا آهن. ’نائن‘ ۾ هڪ مخصوص قسم جون ٻيڙيون وهنديون هيون، جن کي ’نائو‘ چوندا هئا. نائو سامونڊي مڇي مارڻ جو ڪم ڏيندي هئي. هندي ۽ بنگاليءَ ۾ پڻ لفظ ’ناؤ‘ ٻيڙيءَ لاءِ ڪم ايندو آهي .
وانءِ: وانءِ هڪ ٻيڙيءَ جو قسم آهي، قديم زماني جا ملاح بندرن تي هن ٻيڙيءَ کان اوطاق جو ڪم وٺندا هئا، جيڪي سامونڊي يا درياهي ملاح پيرسن ٿي ويندا هئا، سي پنهنجن بندرن تي هڪ ڪونتل ٻيڙي، خاص پنھنجي وندر لاءِ بيهاريندا هئا، جنهن ۾ محفلون ڪرائيندا هئا، ڪيترن ڳوٺن کي ان حوالي سان ’وانِءِ‘ بہ سڏيو ويندو آهي، جيئن: چنن جي وانءِ، سومرن جي وانءِ وغيرہ .
ڇوڏو: ملاح اڪثر انڪساريءَ مان چوندا آهن تہ ”ادا مڙيئي ’ڇوڏڙي‘ تي پيا روزگار ڪريون“. ڇوڏو، ٻيڙيءَ کي سڏيندا آهن. ملاح ان ڳالھہ کي تڪبر سمجهندا آهن، جو چئجي تہ ”ادا! ڪؤنتل‘ جا ملاح آهيون“. ائين چوڻ سان پاڻ کي مٿڀرو سمجهڻ جو احساس پيدا ٿو ٿئي، ان ڪري ملاح نماڻائيءَ مان چوندا آهن: ”ڇوڏي تي پيا هلون“. اهو لفظ محاوري طور استعمال ٿيندو آهي، باقي ڇوڏو ٻيڙيءَ جو ڪو خاص قسم نہ آهي .
زئونرڪ: هي ٻيڙيون پنجابي ’ڦمڻا‘ مهاڻا هلائيندا هئا، جيڪي اڪثر سنڌ جي بندرن تان مال کڻندا ۽ لاهيندا هئا. زئونرڪ جا مهرا وڍيل هوندا آهن. زئونرڪ کي بہ اڏو ٿيندو آهي، جنهن تي کوهو بيهاربو آهي، هن کي بہ ساڳيا لاڄو، تاليا، پوٺي ۽ رسا ٿيندا آهن. زئونرڪ پنجاب جي مهاڻن لاءِ ڪونتل جي برابر آهي. زئونرڪ تي پاتاري يا واڙا ڪو نہ ٿين. ڪھل يا ڪيل قبيلي جا ماڻهو پنجاب جي ٻيڙين جا ملاح آهن. ڪهلن يا ڪيلن جو بنيادي علائقو ٿل ڪئنال ۽ سنڌو درياھہ جي وچ وارو پاسو آهي. اهو علائقو ضلعي ميانواليءَ ۾ آهي، ڪھل اٿڻي ويهڻيءَ ۾ اوائلي دور جي ماڻهن وانگر لڳندا آهن. اُهي ڪميون، سيسر، ٻلهڻيون ۽ لڌڙا کائيندا آهن .
بگوچڻ: هيءَ ٻيڙي زئونرڪ کان وڏي ٿيندي آهي ۽ درياھہ جي سڀني ٻيڙين کان مضبوط ٿيندي آهي. بگوچڻ تي بہ واڙو چڙهيل نہ هوندو آهي، هن جو آڳيلي پا ڇيلي تخت ٿورو کُڻائون ٿيندو آهي. مهنال گولائيءَ ۾ هوندا اٿس. جن تي آئينا ۽ گل چٽ هوندا آهن. هي ٻيڙيون بہ مال، ڪاٺ ۽ اگر کڻنديون هيون، هن وقت نہ وهنديون آهن، ڇاڪاڻ تہ سنڌوءَ ۾ پاڻي بنھہ گهڻو گهٽجي ويو آهي، وڏيون بگوچڻيون بار گهڻو کڻنديون هيون، هڪڙي بگوچڻ چار هزار مڻ بار کڻندي هئي، جيڪا سکر جي هڪ هندو واپاريءَ ٺهرائي، هڪ پنجابيءَ ملاح کي ڏني هئي، اها محفل ٻيڙيءَ جي دور کان پنجاھہ سال اڳ ٺهرائي وئي هئي .
نامڪڙي: نامڪڙي، زئونرڪ جي نموني ٺهيل ننڍي ٻيڙي هئي، جيڪا سنڌو درياھہ تي وهندي هئي، هيءَ ٻيڙي تمام تکي هلندي هئي، سيسرن جي پويان اهڙي قسم جون ٻيڙيون لڳائيندا هئا ۽ کين جلد وڃي پڪڙيندا هئا. ڪن جو چوڻ آهي تہ ’نامڪڙي‘ ڪشميري ٻيڙين جو هڪ قسم آهي .
ڊونڊو: ڪھل قبيلي جا ماڻهو کارن جي واپار لاءِ هڪ هلڪو بار کڻڻ جهڙو ۽ بتيلي جهڙو چوڳٺيو ٻيڙو ٺاهيندا هئا، جنهن تي وڍيل لڪڙن مان کارا ٺاهيا ويندا هئا ۽ هن ئي ٻيڙيءَ تي کارا کڻي وڏن وڏن بندرن تي کپائيندا هئا. هي ملاح ڊونڊي تي درياھہ جي گهنڊن ۾ ڪڇون، ڪُمَ، ڄرڪا، گندڻ، ٻٽا ۽ مُڪَرَ ماريندا هئا. ڊونڊا، ڍنڍن ۾ بہ بيهاريا ويندا هئا. هنن ڊونڊن ۾ حلال جانورن جا هڏا ڀرائي، ملتان پهچايا ويندا هئا. ڪھل سنڌ ۾ هڏن جو واپار ڪندا هئا ۽ پنھنجي ٻيڙين ۾ هڏا کڻي ويندا هئا .
سامونڊي ٻيڙيون: اهي سامونڊي ٻيڙيون جيڪي سنڌوءَ جي بندرن تي ٺهنديون هيون، تن ۾ غوراب، واهڻ يا واڻ، ٻيڙا، دنگيون ۽ موجودہ لانچون اچي وڃن ٿيون .
واهڻ يا واڻ: هنن جي جوڙجڪ دنگيءَ جهڙي ٿيندي آهي ۽ فرق صرف ننڍ وڏائيءَ جو آهي .
دنگي: دنگيءَ جو ذڪر مٿي اچي ويو آهي .
ٻيڙا: وڏن غورابن کي ٻيڙا چوندا هئا، جيڪي واپار لاءِ ٻاهرين ملڪن ڏانهن ويندا هئا ۽ واهوندن ۾ وري ايندا هئا .
لانچ: لانچ موٽر يا مشين تي هلندڙ ٻيڙي آهي. موجودہ لانچ سمنڊ جي ڪنارن سان پري پري نڪري ويندي آهي، هن ۾ ٻہ انجڻيون (مشينون) لڳل هونديون آهن، جن ذريعي رڇ وغيرہ پاڻيءَ مان ڇڪي ڪڍبا آهن، هن دور ۾ لانچون سموري حيدري بندر (ڪراچي) جي سونهن آهن. سمنڊ ۽ درياھہ ۾ مڇي مارڻ لاءِ لانچون نهايت سهوليت واريون آهن، جن ۾ مهاڻا برف بہ کڻي ويندا آهن، اهي مڇي مارڻ لاءِ لانچون سمنڊ تي ڪڍي ويندا آهن ۽ اٺن ڏهن ڏينهن کان پوءِ موٽندا آهن، تہ بہ مڇي سُٺي پئي هوندي آهي. برف کان اڳ ۾ مڇيون لوڻبيون هيون، جيڪي وڏيءَ محنت کان پوءِ ڀاڄيءَ جي ڪم اينديون هيون .