ٻٻر: بلوچن جي ھڪ ذات، ضلعي گهوٽڪيءَ جي تعلقي اوٻاوڙي جي ھڪ ديھہ، جنھن ۾ رسول بخش ٻٻر، حسين بخش چانڊيو ۽ لال بخش چانڊيو ڳوٺ موجود آھن، دادو ضلعي جي خيرپور ناٿن شاھہ تعلقي ۾ ٻٻر ذات ۽ قبيلي جا ڪافي ڳوٺ موجود آھن. ٺٽي ضلعي ۾ پڻ ٻٻرن جا ڪيترائي ڳوٺ موجود آھن .