ٻٻرلوءِ

ٻٻرلوءِ: ٻٻرلوءِ تعلقي خيرپورميرس جو پراڻو شھر آھي، جيڪو کجيءَ جي باغن جي ڪري مشھور آھي. ھيءُ شھر ”ٻٻرذات جي آباديءَ سبب ”ٻٻرلوءِ“ سڏجڻ ۾ آيو، ھن شھر جي ٻاھران ”دونھين“ ۾ موٽڻ شاھہ ۽ ابراھيم شاھہ جون درگاھون آھن، جڏھن سکر ۽ روھڙي اڃا ايترا آباد ۽ مشھور نہ ھئا. تڏھن کان ھي شھر نہ رڳو موجود ھو، پر سمن جي سلطنت جو ھڪ ممتاز علمي شھر شمار ٿيندو هو. تاريخ ۾ ھي شھر ڀاڄ کاڌل حڪمران ھمايون جي ٺڪاڻي جي ڪري گهڻو مشھور آھي. جيڪو جلاوطنيءَ دوران ھتي اچي رھيو ھو. سال 947 ھہ/ 1540ع ۾ جڏھن ھمايون بادشاھہ سنڌ ۾ آيو، تڏھن مرزا شاھہ حسن جي حڪم سان سندس رھڻ لاءِ ٻٻرلوءِ کي پسند ڪيو ويو ۽ اتي جيڪي چار باغ مشھور ھئا، سي چڱيءَ طرح سينگاريا ويا ۽ رھائش لاءِ عمديون جايون تيار ٿيون ھيون. جڏھن ڄام فيروز ۽ مرزا شاھہ حسن جي پاڻ ۾ لڙائي پئي ھلي. تڏھن مرزا شاھہ حسن، ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، ٻٻرلوءِ ۾ اچي شڪار ڪيو ۽ پوءِ ملتان ھليو ويو. ارغونن جي دور ۾ ٻٻرلوءِ سنڌ جو ھڪ قديم علمي مرڪز ھو. ڏھين صدي ھجريءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھتي ھڪ وڏي درسگاھہ ھئي، جيڪا ”مرزائي درسگاھہ“ جي نالي سان مشھور ھئي. ھن مدرسي جي عمارت پڻ تمام شاندار ھئي. ھمايون بادشاھہ جلاوطنيءَ دوران ٻٻرلوءِ ۾ ھن مدرسي جي عمارت ۾ اچي ترسيو ھو ۽ رمضان مھيني جي 28 تاريخ 947ھہ مطابق 1540ع جمعي جي نماز انھيءَ مدرسي جي ڀر واري مسجد ۾ ادا ڪئي ھئائين. ھن مدرسي کي بکر جي حاڪم سلطان محمود سال 966ھہ/ 1558ع ۾ برباد ڪري ڇڏيو .


لفظ ٻٻرلوءِھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو