ٻٻرلوءِ: ٻٻرلوءِ تعلقي خيرپورميرس جو پراڻو شھر آھي، جيڪو کجيءَ جي باغن جي ڪري مشھور آھي. ھيءُ شھر ”ٻٻر“ ذات جي آباديءَ سبب ”ٻٻرلوءِ“ سڏجڻ ۾ آيو، ھن شھر جي ٻاھران ”دونھين“ ۾ موٽڻ شاهه ۽ ابراھيم شاهه جون درگاھون آھن، جڏھن سکر ۽ روھڙي اڃا ايترا آباد ۽ مشھور نه ھئا. تڏھن کان ھي شھر نه رڳو موجود ھو، پر سمن جي سلطنت جو ھڪ ممتاز علمي شھر شمار ٿيندو هو. تاريخ ۾ ھي شھر ڀاڄ کاڌل حڪمران ھمايون جي ٺڪاڻي جي ڪري گھڻو مشھور آھي. جيڪو جلاوطنيءَ دوران ھتي اچي رھيو ھو. سال 947 هه/ 1540ع ۾ جڏھن ھمايون بادشاهه سنڌ ۾ آيو، تڏھن مرزا شاهه حسن جي حڪم سان سندس رھڻ لاءِ ٻٻرلوءِ کي پسند ڪيو ويو ۽ اتي جيڪي چار باغ مشھور ھئا، سي چڱيءَ طرح سينگاريا ويا ۽ رھائش لاءِ عمديون جايون تيار ٿيون ھيون. جڏھن ڄام فيروز ۽ مرزا شاهه حسن جي پاڻ ۾ لڙائي پئي ھلي. تڏھن مرزا شاهه حسن، ڄام فيروز کي شڪست ڏئي، ٻٻرلوءِ ۾ اچي شڪار ڪيو ۽ پوءِ ملتان ھليو ويو. ارغونن جي دور ۾ ٻٻرلوءِ سنڌ جو ھڪ قديم علمي مرڪز ھو. ڏھين صدي ھجريءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھتي ھڪ وڏي درسگاهه ھئي، جيڪا ”مرزائي درسگاهه“ جي نالي سان مشھور ھئي. ھن مدرسي جي عمارت پڻ تمام شاندار ھئي. ھمايون بادشاهه جلاوطنيءَ دوران ٻٻرلوءِ ۾ ھن مدرسي جي عمارت ۾ اچي ترسيو ھو ۽ رمضان مھيني جي 28 تاريخ 947هه مطابق 1540ع جمعي جي نماز انھيءَ مدرسي جي ڀر واري مسجد ۾ ادا ڪئي ھئائين. ھن مدرسي کي بکر جي حاڪم سلطان محمود سال 966هه/ 1558ع ۾ برباد ڪري ڇڏيو .