ٻٻر جو وڻ

ٻٻر جو وڻ

ٻٻر جا پن

ٻٻر جا پن

ٻٻر (وڻ)

ٻٻر (Acacia Arabica/ nilotica ):ھڪ عام مشھور وڻ، جنھن ۾ ڪنڊا ٿين، پن سنھڙا، گل ڦڪا، ڦر پلڙا، جن ۾ چيچڪا ٿين. ٻج ڪاري رنگ جو، چيچڪن وارو ٿئي. ھيءُ وڻ گرم علائقن ۾ ٿيندو آھي. سنڌ بہ گرم خطي ۾ آھي، تنھنڪري ھتي ٻٻر جو وڻ عام جام ٿئي ٿو. درياھہ جي ڪچي وارن حصن ۾ تہ ھيءُ وڻ بي انداز ٿيندو آھي. ٻٻر خاص ڪري سخت گرمين ۾ ٿيندو آھي. ٿر جي ڪن علائقن، جھڙوڪ ننگرپارڪر، ڏونگري، موندي ۽ آڌيگام جي وچ، ڏيپلي ۽ مٺيءَ جي ڀرپاسي ۽ ڇاڇري جي پاسي، جتي پڪي زمين آھي، اتي بہ ھيءُ وڻ ٿئي ٿو، نہ تہ عام طور ٿر ۾ ”ٻائريءَ“ جو وڻ ٿئي. سنڌ ۾ ڪن جاين تي ٻٻرن جون ھڙيون ڏسجڻ ۾ اچن ٿيون. ھن وڻ جي ٽارين ۾ اڇي رنگ جا وڏا ڪنڊا ٿين ٿا، جن کي ٿري ماڻھو ”سول“ ۽ سڄيءَ سنڌ ۾ عام طرح ”سيلھہ“ چوندا آھن، ھيءُ وڻ قد جي لحاظ کان تمام وڏو ۽ اوچو ٿيندو آھي، انھيءَ ڪري ھن ۾ ڇانوَ بہ وڌيڪ ٿيندي آھي. ھيءُ وڏو ۽ مضبوط وڻ آھي. ھيءُ وڻ لڳ ڀڳ 40 فوٽ اوچو ٿئي ۽ ان جي ٿڙ جو گهيرو وڌ کان وڌ ٽن فوٽن تائين ٿئي ٿو .
عام طرح ٻٻر ٽن قسمن جو ڏسڻ ۾ ايندو آھي، سنڌي ٻٻر، ڍليار ٻٻر ۽ ڪابولي ٻٻر، ڍليار، سنڌي ٻٻر کان ڏھہ فوٽ کن ڊگهو ٿيندو آھي، پر سندس ٿڙ وارو گهيرو قدري ننڍو ٿئي ٿو. ڪابولي ٻٻر سڌو ٿيندو آھي ۽ ان جون ٽاريون بہ ٿڙ سان گڏ سڌيون ۽ اڀيون ٿين ٿيون. هي ٻٻر ٻور ۽ پلڙا ڪونه جهلي. شاعر قد لاءِ ’ڪابولي ٻٻر‘ جي تشبيھہ بہ ڏيندا آھن. ٻٻر جي ٽاري ھر قسم جو مال کائيندو آھي. البت ٻڪريون ۽ رڍون ان کي وڏي چاھہ سان کائينديون آھن. ٻٻر جو پلڙو ٽاريءَ کان بہ وڌيڪ طاقتور آھي ۽ مال جي کير وڌائڻ جو ذريعو پڻ آھي. خالي ۽ سڪل ٽارين کي ”ڍينگهر“ چئجي ٿو، جن سان گهرن ۽ ٻنين وغيرہ جي حفاظت لاءِ لوڙھا ڏبا آھن. ٻٻر جا پن، پلڙا ۽ ٻوري، اٺ ۽ ٻڪريون جام کائينديون آھن. ھيءُ وڻ پاڙن کان وٺي ٻور تائين تمام ڪمائتو آھي. ھن وڻ جون طبي خاصيتون ھيٺ ڏجن ٿيون .
حڪيمن جي چوڻ موجب ٻٻر جي پنن مان ٺاھيل عرق، ٻٻر جا ڇوڏا، گل ۽ پن ۽ کئونر کي استعمال ڪرائيندا آهن تہ شفا ٿيندي آهي. ٻٻر جو ڏندڻ، ڏندن جي صفائيءَ ۽ مضبوطيءَ لاءِ تمام سٺو سمجهيو ويندو آھي. ڏندن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻٻر جي ڏندڻ جهڙو ٻيو ڪو ڏندڻ آھي ئي ڪو نہ. ھن وڻ جا پن، گلڙا، کل، ڇوڏا، کئونر ۽ ڪاٺيون دوائن ۾ استعمال ٿين ٿيون. ھن جا پلڙا بہ حڪيم استعمال ڪندا آهن .
ٻٻر تمام ڪارائتو وڻ آھي. ھن جي قيمتي ڪاٺ مان ھر قسم جو فرنيچر ٺھندو آھي. عمارتي ڪمن ۾ ڪامن، داسن، پٽين، ٿنڀن ۽ ٿوڻين ۾ بہ گهڻو ڪم ايندو آھي. ٻبر جي ڇوڏيءَ کي چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ بہ استعمال ڪيو ويندو آھي. ان جي اڱرن کي ٻارڻ واري توانائيءَ جي ھڪ وسيلي طور ۽ ڪاربان کي مختلف ڪيميائي مرڪبن ٺاھڻ لاءِ ڪتب آندو ويندو آھي. ٻٻر مان حاصل ٿيندڙ کئونر ڪارائتو آھي. جڏھن تہ لاک بہ ٻٻر مان حاصل ٿئي ٿي. ٻٻر جو رس، رنگن کي پختو ڪري ٿو، انڪري ڪپڙي رڱڻ لاءِ ھن جو رس ڪتب آندو ويندو آھي. ٻٻرن جي ڇوڏي مان سنڌ اندر وڏي عرصي کان شراب ٺھندو اچي ٿو ۽ اھو سلسلو اڄ بہ قائم آھي. ھن وقت تائين ٻٻر جا عام مشھور ٽي قسم ڳڻبا آھن پر ماھرن سنڌ ۾ ٻٻرن جا ڇٽيھہ قسم ڄاڻايا آھن .


هن صفحي کي شيئر ڪريو