ٻٽي

ٻٽي

ٻٽي

ٻٽي: هيءَ دلچسپ مڇي نہ رڳو سنڌ ۾ پر سڄي ايشيا جي مٺن ۽ ڊيلٽائي پاڻين ۾ ٿئي ٿي ۽ تلائن جي سونهن سمجهي ويندي آهي. اها سنڌوءَ جي ڏن ڀرو ندين ۽ ان سان ڳنڍيل ڍنڍن، ڍورن ۽ تلائن کانسواءِ گنگا، جمنا، برهمپترا سميت نيپال، بنگلاديش، ٿائيلينڊ ۽ انڊونيشيا ۾ بہ ٿئي ٿي. هن جو انگريزي نالو Colown Knife fish ۽ سائنسي نالو Notopterns chitala آهي. جسامت جي حساب کان هن کي وڏين مڇين ۾ شمار ڪجي ٿو، اها لڳ ڀڳ هڪ ميٽر تائين وڏي ٿي سگهي ٿي. نر ۽ ماديءَ ۾ بظاهر ڪو بہ فرق نظر نہ ٿو اچي. اها استوائي علائقن جي اهڙن پاڻين ۾ خوش رهي ٿي، جتي پاڻيءَ جو گرمي پد 24 کان 28 درجا سينٽي گريڊ هجي ۽ پاڻيءَ جو ڪثافتي مُلھہ 7-6 هجي .
ٻٽيءَ جي پٺي ڪٻ وانگر اڀريل ٿئي ٿي ۽ پيٽائون پاسو تقريباً سڌو هوندو اٿس. ان جي منڍي باقي جسم جي نسبت ۾ 20 سيڪڙو برابر ٿئي ٿي. منهن سنهڙو پر وڏو ۽ ڪجهہ مٿي رخ ۾ کلندو اٿس. اکيون ننڍڙيون ٿينس ٿيون. پٺيءَ جي کنڀڙي ننڍڙي، وچ تي ڪجهہ پوئتي اٿس، انهن ۾ ڏهاڪو کن تاندور ٿين ٿا. ڪنڦڙ لڳ کنڀڙيون ڪجهہ وڏڙيون ٿين ٿيون. پيٽ واري پاسي جهالر نما ساخت آهي، جيڪا ان جي پيٽائين، مقعدي ۽ پڇڙيءَ جي کنڀڙين جي ملڻ سبب ٺھي آهي. ٻٽي ٿولھہ ۾ چپٿري ۽ اڀائيءَ ۾ چڱي ٿئي ٿي. ان جا ڇلر ننڍا ٿين ٿا، هن مڇيءَ جا عام طور تي ٽي رنگ ٿين ٿا: اڇي، روپلي يا سرمائي ڪاري. ان کي پٺيءَ يا پيٽ تي اڇا ڪارا گول ڇلي نما داغ / چٽ ٿين ٿا، ان ڪري ان جو نالو چٽالا (Chitala) ٿيو، جيڪو شايد بنگال مان ورتو ويو آهي. اهي نشان عمر سان وڏا ۽ وڌيڪ ٿيندا وڃن ٿا. عام طور تي ملاح ٻٽي ۽ گندڻ کي ٻہ مختلف مڇيون سمجهندا آهن، اهي بنا چٽ واري مڇيءَ کي ٻٽي ۽ چٽن واري مڇيءَ کي گندڻ چوندا آهن، پر اها ساڳي مڇي آهي .
ٻٽي يا گندڻ عام طور پُر امن ۽ اڪيلائي پسند آهي، ان ڪري پالتو حالت ۾ آنا نہ ڏيندي آهي. مادي سال ۾ هڪ کان وڌيڪ ڀيرا آنا ڏئي ٿي، جيڪي لڳ ڀڳ ڏھہ هزار ٿين ٿا. آنن جي مند مئي کان جولاءِ تائين آهي. مادي پاڻيءَ جي ڪنهن ماٺي ڪنڊ جي تري ۾ 60-50 سينٽي ميٽر جو ڪو کڏو ڳولي صاف ڪري، ان ۾ آنا لاهيندي آهي، اتي ئي ٻچا ٿيندا آهن، نر ان کڏي جي حفاظت ڪندو آهي ۽ پڇ سان مفت خور مخلوق کي آنن تان هڪليندو رهندو آهي. بظاهر ائين لڳندو آهي، ڄڻ آنن کي هوا ڏيئي خراب ٿيڻ کان بچائي رهيو هجي. ٻچا ڄمڻ کان پوءِ نر هفتو کن انهن جي حفاظت ڪندو آهي. گندڻ جيتوڻيڪ چيڙاڪ نہ آهي پر شڪار ۽ کائڻ مھل ڇتي ٿي پوندي آهي. گوشت خور آهي، ان ڪري مڇيون ۽ جيت کائيندي آهي. زندہ خوراڪ کائڻ پسند ڪري ٿي، پنھنجي حفاظت بہ ڪري سگهي ٿي. هيءَ مڇي گهٽ روشنيءَ ۾ سرگرم رهندي آهي ۽ تيز وهڪرن بدران ماٺن پاسن کي پسند ڪندي آهي. جسم ۾ ڪنڊا گهڻا اٿس، ان ڪري ماڻهو ان کي کائڻ پسند نہ ڪندا آهن. دنيا ۾ اڪثر ماڻهو ان کي تلائن ۽ مڇي گهرن ۾ سونهن لاءِ پاليندا آهن .


لفظ ٻٽيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو