
ٻٽير يا ٻٽيرو
ٻٽيرو/ ٻٽير: ھڪ قسم جو ننڍڙو پکي، تتر جهڙو ٿئي، ھيءُ ڀوري رنگ جو ھڪ ننڍڙو پکي آھي، جنھن جو پڇ ننڍو ٿئي. ان جي بدن تي ڳاڙھاڻ مائل ناسي يا ڪاريون ڌاريون ۽ سيني تي ڀوري رنگ جون ڌاريون ٿين، نر ٻٽيري جي ڪنڌ تي ڪارو نشان ۽ ماديءَ جي ڳچيءَ تي ڀورا چٽا ٿين ٿا. ھي پکي عام طرح ڪڻڪ جي لابارن وقت ڏسڻ ۾ ايندو آھي. بھار جي موسم ۾ اولھہ کان ٻٽير تمام گهڻا ايندا آھن ۽ اڪثر زمين جي فصلن تي لھندا آھن، ھڪ فصل ختم ٿئي تہ ان کي ڇڏي ٻئي فصل واريءَ زمين ۾ وڃي رھندا آھن، انڪري ھنن کي ’فصل ٻٽيرا‘ بہ چوندا آھن. ٻٽيرا عام طور 50/40 ڏينھن جي وقفي سان آنا ڏيندا آھن. گهڻا ماڻھو ٻٽيرن جي ويڙھہ تي بازي بہ رکندا آھن. ٻٽيري جو گوشت لذيذ ٿئي ٿو. ھن جو گوشت طبي لحاظ کان گهڻين بيمارين کي فائدو ڏيندڙ آھي. حڪيمن جو چوڻ آهي تہ ھن جو پِتو ڪيترين بيمارين جي علاج طور استعمال ڪندا آهن.
عرب سياح، سنڌ ۽ سرائيڪي پٽي بلوچستان ۾ ٻٽيرن جا شڪار ڪرڻ ايندا آهن .