ٻٽيھہ

ٻٽيھہ: ھڪ عدد (32) انھيءَ نسبت سان ڪيتريون چوڻيون ۽ اصطلاح مشھور آھن،جهڙوڪ:
(i) ٻٽيھہ ڌارون: ماءُ جي ٿڃ.
(ii) ٻٽيھہ نسون: انساني جسم کي تندرست رکندڙ نسون، چوندا آھن تہ ”ٻٽيھن ئي نسن جو زور“.
(iii) ٻٽيھہ لڇڻ: سڀني پارين افعالين سلڇڻو، ھيئن بہ چوندا آھن تہ ”ماڻھو ٻٽيھہ لکڻو، پر موچڙو ڇٽيھہ لکڻو“.
(iv) ٻٽيھہ ڳھڻا: عورت جي سينگار جا ٻٽيھہ زيور، سگهڙ، سينگار شاعريءَ ۾ ڳائيندا آھن. اھي زيور ھيٺيان آھن. سينڌ ڦل، کور، تلڪ، والي، پنڙا، ڪوڪو (سون جو ٺھيل لونگ جهڙو، ڪنن ۾ پائڻ جو)، ڪنن جا جهومڪ، نٿ، چندن ھار، مڪٽ ھار، جوھا، چمپاڪلي، کارڪ يا ڍولڻو، ڪٺمال، پنج سري دھري، آرسي، منڊي، ڪنگڻ پھنچي، چوڙيون، چيلھڪي، نو لکي نگ (ٻڙا، موتي وغيره، جي ڌاڳي ۾ پوئي ڪرائيءَ ۾ ٻڌجن) بازو بند، جوشن، بَري، ڪرڌني، ڪڙا، پازيب، جهانجهہ (جهانجهر)، چڙي (چانديءَ جون چوڙيون، جيڪي ڪڙين جي جاءِ تي پائجن)، وڇونئڙا ۽ ڇلا (پيرن جي آڱرين جا) .


لفظ ٻٽيھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو


رياضي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ٻٽيھہ
ٽه رقمي
رياضي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون