ٻٽي آمري

ٻٽي آمري: هي هڪ ديھہ جو نالو آهي، جيڪا ڪراچيءَ ۾ آهي. سهراب ڳوٺ ال آصف اسڪوائر ۽ جنت گل ٽائون، جيڪي ديھہ ڳجهڙي ۾ آهن، انهن کان پوءِ ديھہ ٻٽي آمريءَ جون حدون شروع ٿين ٿيون. لاسي ڳوٺ وٽان وهندڙ ڍورو، جيڪو هن وقت گٽر نالو آهي، وهي اچي، لياري ۾ ڇوڙ ڪري ٿو، انهيءَ ڍوري جو نالو ٻٽي آمري آهي، جنهن تان نالو ٻٽي آمري مشھور ٿيو. انهيءَ ڍوري ۾ ٻہ ٻٽا (جاڙا) آمري (گدامڙي) جا وڻ هئا، جنهنڪري هي علائقو ٻٽي آمريءَ ڪري مشھور ٿيو. هن ديھہ ۾ گبولن، بروهين، برفتن، ڪانڙن ۽ ڇٽن جا ڳوٺ آهن. ديھہ جي هڪ حصي ۾ ڪجهہ فيڪٽريون بہ آهن. لياري نئن جي ڪپ ۽ شھر کي ويجهو هئڻ ڪري هتي ڪچيون آباديون گهڻيون آهن، جن ۾ واڌارو ٿيندو پيو وڃي. هتي پٺاڻن، افغانين ۽ بنگالين جو وڏو انگ رهي ٿو. ديھہ ٻٽي آمري، تپي سونگل، تعلقي ڪراچيءَ ۾ آهي .


لفظ ٻٽي آمريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو