ٻٽڙا: ٻٽڙا ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپورناٿن شاھہ جي هڪ ديھہ جو نالو آهي. هن ديھہ ۾ ’ٻٽڙا‘، ’لونگ ماڇي‘، ’جوڳيئڙا‘ ۽ ’گل نوتاڻي‘ ڳوٺ آباد آهن. هن نالي سان هڪ ڳوٺ خيرپورناٿن شاھہ تعلقي ۾ آهي. هتي هڪ پرائمري اسڪول ۽ هاءِ اسڪول آهي ۽ بجليءَ جو انتظام پڻ ٿيل آهي. هن نالي سان هڪ ڳوٺ تعلقي ڇاڇري جي ديھہ ”چيلهار“ ۾ بہ آباد آهي. هتي پرائمري اسڪول موجود آهي .