ٻپھر: سج اڀرڻ کان وٺي منجهند جو ٻنپھرن گذرڻ وارو وقت، ٻہ پھر وقت جي ھڪ حصي جو خاص نالو آھي، سياري ۽ اونھاري ۾ ھن وقت جي نوعيت ۾ فرق آھي. سياري ۾ جڏھن پورو اڌ ڏينھن گذري وڃي تہ ٻپھر شروع ٿيندا آھن، جيڪي ٽپھريءَ تائين ھلندا آھن، جڏھن تہ اونھاري ۾ ٻپھر وقت جي ان حصي کي چئجي ٿو، جڏھن سج بلڪل ڪاپار تي ھوندو آھي اھو وقت ٻپھريءَ يا منجهند جي مانيءَ جو وقت ليکيو ويندو آھي. سنڌ ۾ ظھر جي نماز کي ٻپھريءَ جي نماز پڻ چيو ويندو آھي .