ٻچاڻي ڪوٽيرو

ٻچاڻي ڪوٽيرو: هي ماڳ پٿرن جون اڏاوتون آهن، جيڪي ڌاتو پاھڻي دور سان واسطو رکن ٿيون ۽ ديھه ٻچاڻي، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄام شوري. اتر ويڪرائي ڦاڪ 25032\\\' 00\\\'\\\' ۽ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ 67050\\\' 10\\\'\\\' تي موجود آهن. ھي پٿرن جون اڏاوتون ڳوٺ اميد علي برھماڻيءَ لڳ انھيءَ رستي تي آھن، جتان درگاھه فقير محمد علي وارو رستو ڏئي ٿاڻي احمد خان پھچجي ٿو. ھي ماڳ عثمان جي بٺي جي اولھه ۾ ٻچاڻي لانڍيءَ جي اتر ۾ آھي. ھن اڏاوت جي ڊيگهه 140 ميٽر ۽ ويڪر 120 ميٽر آھي. ھي قبل از تاريخ جو ماڳ آھي، جنھن تي وچ ۾ اھڙو اڀار آھي، جو اسٽوپا جهڙي ڏک ڏئي ٿو ۽ بظاھر ان تان ڪابہ اھڙي شيءِ ڪانہ لڌي آهي، جنھن کي انھيءَ دور سان منسوب ڪجي. ماڳ کي چوڦير جهنگ آھي، ان ڪري ڏسڻ ۾ نٿو اچي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو