ٻچي داني: جسم جو ھڪ اندريون حصو، جيڪو پيٽ ۾ اندر ٿيندو آھي، ان کي ’ڳڀيرڻ‘ بہ چوندا آھن، ڇو تہ ان عضوي ۾ ڳڀ جهلڻ جي خاصيت ھوندي آھي. عربي ٻوليءَ ۾ ان کي ”رحم“ چوندا آھن. ھيءُ عضوو ھر مادي جانور توڙي انسان ۾ ٿيندو آھي. ھر قسم جي ساھواري ۾ ڄڻڻ يا ويم جو مادو جدا جدا ٿيندو آھي .