ٻُڌيا: اسلام کان اڳ واري دور ۾ سيوھڻ کان وٺي گنڌاوا تائين ”ٻڌيا“ جو علائقو ھو، ڪنھن وقت ”ٻڌمت“ وارا اتي گھڻائيءَ ۾ ھئا ۽ طاقتور به ھئا، انھيءَ ڪري ان تي ”ٻڌيا“ نالو پيو، جيئن ڪي ٻيا پرڳڻا به ذاتين ۽ قبيلن پويان لوھاڻا، لاکا، سما يا سھتا سڏبا ھئا. اھي سڀ ذاتيون ۽ قبيلا ڪن صدين کان وٺي ٻڌمت جا پوئلڳ ھئا ۽ انھيءَ ڪري ملڪ تي چچ برھمڻ جي قبضي جي خلاف ھئا. پوءِ چچ حملا ڪري طاقت جي زور سان انھن سڀني کي مڃايو. ”ٻڌيا“ طرف ھن پھريائين ملڪ جي ڏاکڻئين ڀاڱي سيوستان، ڪاڪا راڄ تي حملو ڪيو ۽ بعد ۾ اترئين ’ڪڇي- گنڌاوا‘ واري ڀاڱي تي ڪاھيو، برھمڻ حڪومت جي خلاف سنڌ جي ڪن مکيه ذاتين ۽ قبيلن، محمد بن قاسم جي آجيان ۽ مدد ڪئي. ان وقت ”ٻڌيا“ جي ڏاکڻئين ڀاڱي (سيوستان ۽ ڪاڪا راڄ) ۾ ڪاڪا ۽ چنا مکيه قبيلا ھئا، جن محمد بن قاسم سان صلح ۽ معاھدا ڪيا ۽ اسلام قبوليو، نسل جي اعتبار سان ڪاڪا ۽ چنا ساڳيءَ برادريءَ جا قبيلا ھئا، اڄ کان ٻه سو سال اڳ نسبنامي جي اھڙي ڪا روايت موجود ھئي، جو مير علي شير قانع ”تحفة الڪرام“ ۾ ڄاڻايو ته محمد بن قاسم جي وقت جو سربراهه، جنھن جو نالو ”ڪاڪو“ ھو، سو به چنو ھو. محمد بن قاسم پوءِ ”ٻڌيا“ جي اترئين ڀاڱي تائين ويو، جتي گنڌاوا (قندابيل) ۾ سندس دور کان اڳ، عرب فوج پھچي چڪي ھئي، جڏھن ”ٻڌيا“ جو سڄو علائقو سنڌ جي نئين عرب اسلامي حڪومت ۾ اچي ويو ۽ سڀ قبيلا پڻ اسلام جي دائري ۾ داخل ٿيا، ته به انتظامي لحاظ سان ”ٻڌيا“ جي سڄي الھندي ڀاڱي تي جيڪو جبلن سان لاڳو ھو ’ٻڌيا‘ جي قبيلن جي رياست قائم رھي. عرب- اسلامي حڪومت جي زوال ۽ پوءِ سومرن واري دؤر ۾ اھا رياست غالبا ھڪ جدا حڪومت بڻجي وئي، سمن جي دور ۾ خاص طرح ڄام نظام الدين جي وقت سنڌ حڪومت جي مرڪزي طاقت ”ٻڌيا“ طرف وڌي، جنھنڪري ”ٻڌيا“ جي قبيلن واري ”حڪومت“ گھٽجي، ھڪ ماتحت رياست بڻجي وئي. سمن جي دؤر کان پوءِ اھي قبيلا ويتر وڌيڪ ڪمزور ٿيا .
تاريخي اعتبار سان انھن قبيلن ۾ ”ٻڌ“ قبيلو وڌيڪ آڳاٽو ۽ وڌيڪ طاقتور ھو، ڪڇي ضلعي جي ناڙيءَ واري ملڪ تي، سندن سرداري قائم رھي. ھن وقت پڻ اتي ”مٽ“ ٻڌ قبيلي جو مرڪزي شھر آھي، ڪجهه وقت اڳ ھيٺ ’ھاشم ٻڌ جي ڳوٺ‘ تائين ٻڌن جي زمين ھئي، پر ٻڌن ۽ ٻرڙن واري جنگ ۾ جڏھن ھاشم ٻڌ مارجي ويو ته ٻرڙن، اتي قبضو ڪيو، محمد بن قاسم جي وقت ۾ ڪاڪا ۽ چنا قبيلا، ھيٺ سنڌ ۾ سيوستان ۽ ڪاڪا راڄ طرف مکيه قبيلا ھئا. ساڳئي دور ۾ ۽ پڻ پوءِ سومرن جي دور تائين ڪڇيءَ جي ناڙي واري پرڳڻي ۾ گنڌاوا ۽ مولي (موره) جي پاڻيءَ وارو علائقو چنا برادريءَ جي چنن، وڌن ۽ ماڻڪ قبيلن جي حڪمرانيءَ ۾ ھو، آڳاٽي ھڪ ڪهاوت آھي ته :”چنا، وڌا، ماڻڪا، مورھ مڳ ڌڻي“ .
اھو سنڌوءَ جي اولهه پاسي وارو شڪارپور علائقي جو ڪڪڙ (موجوده دادو ضلعي) وارو پرڳڻو ٿي سگھي ٿو، جيڪب آباد به ان جي حدن اندر واقع ھو. قندابيل/ گنڌاوا جو شھر ان جي دنگ تي واقع ھو. يا ائين کڻي چئجي ته اھو ”ٻڌيه“ جي مکيه تجارتي شھرن مان ھڪ ھو، امڪان آھي ته ديرھ جات وارو علائقو به ان ۾ شامل ھو. تاريخي شاھدين مان معلوم ائين ٿئي ٿو ته ان جو ڪجهه حصو ڏکڻ ڏانھن اڳتي وڌي وڃي منڇر سان لڳندو ھو. ابن حوقل ان کي منصوره کان پندرھن ڏينھن جي پنڌ تي ٻڌائي ٿو. چچ نامي ۽ اصطخريءَ جي بيانن مان معلوم ٿئي ٿو ته اھو سيوھڻ کان اتر ۾ گھڻو پري ڪو نه ھو .