ٻڌي غار

ٻڌي غار: هي قديم غار ۽ ٺلھه پٿر جي دور کان ٻوڌي دور جي عرصي جو آهي. ھي غار اروڙ جي کنڊرن جي ڏکڻ ۾، روھڙي ٽڪريءَ جي الھندي لاھيءَ وٽ، روھڙي کان 8 ڪلوميٽر ڏکڻ- اتر ۾ آھي. ھن غار جي مٿان ٻوڌين جو وھار ٺھيل ھو، جيڪو ويجهڙائيءَ ۾ ڊھي ويو آھي. ان جا ڊٺل حصا آسپاس ٽڙيل پکڙيل آھن. اھو ٺلھه (Stupa) غار جي اتر ۾ ان جي مٿان ٺھيل ھو. غار جو منھن اوڀر طرف آھي. جيڪو 6 فوٽ وڏو ۽ 4 فوٽ اوچو آھي. اندران غار اوڀر- اولھه 12 فوٽ وڏو ۽ 8 فوٽ اوچي آھي. فرش تي پٿرن جا ٽڪرا ٽڙيل پکڙيل آھن. ٻن فوٽن جي گهرائيءَ تائين کوٽائي ڪئي وئي. کوٽائيءَ مان ڪابھ وٿ نہ ملي آهي. منھن وٽ ٺڪراٺو ۽ ٻيون وٿون مليون آھن. وھاري وٽ بہ ٺڪراٺو ملي ٿو. جيڪو گهڻو ڪري ڳاڙھو، سٺو پڪل، چڪ تي لٿل، سنھو ۽ ڪارن پٽن سان آھي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو