ٻُڌڪ/ بُدڪ: ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڪنڊياري شھر کان ڏکڻ طرف ٻن ميلن جي مفاصلي تي هڪ ڳوٺ، جنهن کي عام ماڻهو ”بُدڪ“ سڏين، پر اصل ۾ اُن جو نالو ”ٻُڌَڪ“ آهي. اُن جي ڀرسان ”ٻڌڪا“ شاخ بہ وهي ٿي ۽ اُن ديھہ جو نالو بہ ”ٻُڌڪ“ آهي. مشھور وڪيل ۽ قومي ڪارڪن غلام سرور سھتو هن ڳوٺ جو رهاڪو آهي .