ٻُڌڪي سائيٽ (Budh-Site ):گنجي ٽڪر جي ڏکڻ ۾ آخري ڇيڙي تي واقع ’شيخ سرهيو‘ ٽڪريءَ جي سڃاڻپ وارو هيءُ ماڳ ٻُڌڪي دور سان تعلق رکي ٿو. انگريز محقق هينري ڪزنس هن ماڳ جو اشارو ان وقت ڏنو، جڏهن هو سعيدپور ٽڪر تي واقع ’سڏيرڻ جو ٺلهه‘ جو ذڪر ڪري ٿو. سڏيرڻ به ٻُڌڪي سائٽ ۽ اسٽوپا آهي. هينري ڪزنس اشارو ڏنو آهي ته سڏيرڻ جي ٺلهه کان ٽي ميل (5 ڪلو ميٽر) اتر طرف هڪ ٽڪريءَ تي پڻ هڪ ننڍي اسٽوپا جا نشان آهن.
سعيد پور ٽڪر ۽ پير سرهيو ٽڪريءَ جي وچ مان پيچاري ڦاٽ جو لنگهه آهي، جيڪو هاڻي ڪوٽڙي بئراج جي سرشتي سان جڙيل آهي. امڪان آهي ته ٻُڌڪي دور ۾ پيڃاري ڦاٽ درياهه جو اهم لنگهه هجي. شيخ سرهيي واري ٽڪر تي ٻُڌڪن آثارن ۾ جيتوڻيڪ هن وقت ڪنهن به اسٽوپا جا نشان باقي نه آهن، پر اهو محسوس ٿئي ٿو ته خزاني جي کوجين جنهن جاءِ کي کوٽي تباهه ڪيو آهي، اتي اهو اسٽوپا هوندو جنهن جو ذڪر ڪزنس صاحب ڪيو آهي. هن ماڳ تان ٻُڌڪي دور جون ٺپيل آرائشي سرون ڪافي تعداد ۾ ملن ٿيون. هتي اوائلي اسلامي دور جو ٺڪراٺو، نيري ڪاشي ۽ قديم زماني کان ڦٽل هڪ مسجد جا آثار به آهن. ماڳ ڪجهه ايڪڙن ۾ پکڙيل آهي جنهن ۾ پراڻن آثارن مان کنيل سرن سان ٺهيل هڪ بي ترتيب چؤديواري اندر هڪ قبر آهي، جنهن کي مقامي ماڻهو ’شخصرو‘ يا ’شيخ سرهيو‘ چون ٿا. هن درويش جي تاريخ بابت ڪو به پتو نٿو پوي. هي ماڳ حيدرآباد کان ٽنڊي محمد خان ويندي پنياري شاخ جي پل کان اولهه طرف ملاڪاتيار واري رستي تي، ٽي ڪلو ميٽر پري، شاخ جي ساڄي ڪنڌيءَ تي واقع ٽڪريءَ تي آهي .