ٻڍل شاهه

ٻڍل شاهه

ٻڍل شاھہ ولد نواب شاھہ

ٻُڍل شاھہ ولد نواب شاھہ: سيد ٻڍل شاھہ ولد سيد ميان نواب شاھہ مٽياري سيدن جي سنائي شاخ جي اميناڻي پاڙي مان هو. سندس جنم نواب شاھہ ۾، 1894ع ڌاري ٿيو. ابتدائي تعليم مقامي اسڪول مان ورتائين. کيس سيد غلام حيدر شاھہ نالي ڀاءُ بہ هو. هي ننڍائي هئا تہ 1904ع ڌاري سندس والد وفات ڪري ويو. وٽن آباڻي زمينون هيون. نواب شاھہ شھر لاءِ سندس والد سيد نواب شاھہ پنهنجون زمينون مفت ۾ ڏنيون. اڳتي هلي هي ڳوٺ مان شھر ۽ ضلعي جو هيڊڪوارٽر بنيو. هاڻي هن شھر جو نالو مٽائي شھيد بينظير آباد رکيو ويو آهي.
سيد ٻڍل شاھہ جا آسپاس جي زميندارن سان دوستاڻا تعلقات هئا. هي پاڻ مڙس ماڻهو، مھل سر سنگت کي ڪم ايندڙ، بي ڊپو ۽ زماني شناس شخص هو. ضلعي لوڪلبورڊ جو ميمبر، تعلقي لوڪل بورڊ نواب شاھہ جو پريزيڊنٽ ۽ 1 جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1942ع تائين نوابشاھہ ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو. سائين جي. ايم سيد سان سٺا تعلقات هئس، جڏهن سن ۾ 1924ع ڌاري مٽياري سيدن جي ڪانفرنس ٿي هئي تہ پنھنجي پاڙي جي سيدن سميت شرڪت ڪئي هئائين. 48 سالن جي عمر ۾ 22 جنوري 1942ع تي وفات ڪيائين .


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1894.00.00  عيسوي

ٻڍل شاهه جو جنم نواب شاهه ۾ 1894ع ڌاري ٿيو.


1940.07.01  عيسوي

1 جولاءِ 1940ع کان 10 فيبروري 1942ع تائين نوابشاهه ميونسپالٽيءَ جو پريزيڊنٽ ٿي رهيو.


1942.01.22  عيسوي

ٻڍل شاهه 48 سالن جي عمر ۾ 22 جنوري 1942ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تاج العاشقين محمد سنڌي
رحمت ﷲ شوق شڪارپوري
شان اداڪار
حڪيم الھندو خان جويو
حاجي خميسو خان ميمڻ
آگهمي ابو طالب
ريڊنگ لارڊ
قادر مگسي ڊاڪٽر
صفر نانگرو
وشنوڀاٽيا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون