ٻڍل لاشاري
ٻڍل لاشاري: سگهڙ، شاعر ۽ لوڪ ادب جو ڄاڻو محمد ٻڍل ولد محمد ڇٽل لاشاري 1949ع ڌاري ڳوٺ حاجي شاهه بخش خان لاشاري، ضلعي ميرپور خاص ۾ پيدا ٿيو. پنج درجا سنڌي تعليم پنھنجي ڳوٺ جي اسڪول مان 1963ع ڌاري پاس ڪيائين. بچپن کان وٺي شاعري ڪندو رهيو. ڪلاسيڪل طرز تي سنڌي ۽ اردوءَ ۾ غزل ۽ بيت لکيائين. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ’ڌرتيءَ تي ليڪا‘ 2009ع ۾ شايع ٿيو. ٻڍل لاشاري ڪچھرين ۾ پنھنجا غزل ترنم سان جهونگاريندو به هو. هن 5 مئي 2025ع تي وفات ڪئي.