ٻڍو فقير

ٻُڍو فقير: ٻڍو فقير سنڌ جو مشهور راڳي، ريڊئي ۽ ٽي وي جو فنڪار ٿي گذريو آهي. ٻڍو فقير ولد محمد صديق ذات مڱڻهار، مٺي شهر ۾ 1942ع ڌاري ڄائو. ڳائڻ جي شروعات 15 سالن جي عمر ۾ ڪيائين. هن ڳائڻ جي سکيا استاد مراد فقير کان ورتي. مراد فقير کي 1967ع ۾ ڀالوا ۾ لڳل مارئيءَ جي ميلي ۾ ڳائڻ کان پوءِ ريڊيي تي پروگرام مليو. سندس ڪيترائي رڪارڊ موجود آهن. کيس ڪراچي ٽي ويءَ تي 1995ع ۾ پروگرام مليو، ڪيترائي پروگرام ڪيائين. ٻڍي فقير شاهه لطيف، سچل سرمست، مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ، عباس علي شاهه ۽ حاجي احمد ملاح کي ڳايو آهي. کيس ٻه اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. ٻُڍي فقير 3 جون 2005ع تي وفات ڪئي .


لفظ ٻڍو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.00.00  عيسوي

ٻڍو فقير مٺي شهر ۾ 1942ع ڌاري ڄائو.


2005.06.03  عيسوي

ٻڍي فقير 3 جون 2005ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صادق فقير
آصف مھدي
عالم ڪارو
سيد نور شاهه 2
رگهورام شرما
غلام قادر شيخ
غلام حيدر تمراڻي فقير
ڍول فقير
رفيق فقير
استاد نياز حسين
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون