ٻڍو فقير

ٻُڍو فقير: ٻڍو فقير سنڌ جو مشھور راڳي، ريڊئي ۽ ٽي وي جو فنڪار ٿي گذريو آهي. ٻڍو فقير ولد محمد صديق ذات مڱڻهار، مٺي شھر ۾ 1942ع ڌاري ڄائو. ڳائڻ جي شروعات 15 سالن جي عمر ۾ ڪيائين. هن ڳائڻ جي سکيا استاد مراد فقير کان ورتي. مراد فقير کي 1967ع ۾ ڀالوا ۾ لڳل مارئيءَ جي ميلي ۾ ڳائڻ کان پوءِ ريڊيي تي پروگرام مليو. سندس ڪيترائي رڪارڊ موجود آهن. کيس ڪراچي ٽي ويءَ تي 1995ع ۾ پروگرام مليو، ڪيترائي پروگرام ڪيائين. ٻڍي فقير شاھہ لطيف، سچل سرمست، مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ، عباس علي شاھہ ۽ حاجي احمد ملاح کي ڳايو آهي. کيس ٻہ اوارڊ پڻ ملي چڪا آهن. ٻُڍي فقير 3 جون 2005ع تي وفات ڪئي .


لفظ ٻڍو فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1942.00.00  عيسوي

ٻڍو فقير مٺي شهر ۾ 1942ع ڌاري ڄائو.


2005.06.03  عيسوي

ٻڍي فقير 3 جون 2005ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

طالب خان پالاري
آصف مھدي
سائين مرنا
سهراب فقير
الھہ وسائي
سرور سخيراڻي
خالد حسين پتافي
رتن جوتو مل ڇڳاڻي
سجاد يوسف
سچل فقير جتوئي
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون