ٻڍو فقير وگهامل

ٻڍو فقير وگهامل: درگاھہ ذاڪريءَ جي سائين روضي ڌڻيءَ جو عقيدتمند هيءُ بزرگ فقير ٻڍو ولد عرس وگهامل، اصل ماتليءَ جو رهاڪو هو. سندس پونيئر اڃا تائين ماتليءَ م رهائش پذير آهن. ٻڍو فقير روضي ڌڻيءَ سان گڏ 19-1918ع ڌاري نوابشاھہ ضلعي (هاڻوڪي بينظير آباد) ۾ آيو ۽ سموري حياتي مرشد جي محبت ۽ خدمت ۾ گذاريائين. جماعت ذاڪريءَ ۾ ٻڍو فقير وڏي مرتبي تي پهتل شخص هو، جنهن کي سندس مرشد پنهنجو حال محرم ۽ همراز بڻايو ۽ جڏهن هن جھان مان لاڏاڻو ڪيو، تڏهن سندس ننڍي فرزند احمد شاھہ '>سيد احمد شاھہسائين سھڻي“ جي عمر هڪ سال هئي. ان ڪري پنھنجي روحاني امانت ٻڍي فقير کي ڏنائين ۽ ٻڍي فقير بہ مرشديءَ جو مرتبو ماڻيو. سھڻو سائين بہ کيس مُرشد ڪري مڃيندو هو. سائين روضي ڌڻي ٻڍي فقير لاءِ چوندو هو:
جتي هجي ٻُڍل، اُتي ڪو نہ هوندو مُنڌل.
ٻڍي فقير کي نياڻيءَ جو اولاد هو. هن مُرشد جي وصال کان ڏھہ سال پوءِ تاريخ 5 ربيع الاول 1365ھہ/1946ع ۾ وفات ڪئي ۽ کيس روضي شريف ۾ ننڍن قبن اندر دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو