ٻڪري

ٻڪري

ٻڪري

ٻڪري: عام گھرو چؤپايو جانور، جيڪو سڄيءَ دنيا ۾ ٿيندو آھي. تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته موھن جي دڙي ۽ ھڙپا تھذيب جي دور ۾ به ٻڪريون پالبيون ھيون ۽ اھا ئي اتان جي ماڻهن جي دولت ھئي. ان وقت به ماڻهو ٻڪرين جو گوشت کائيندا ۽ کير پيئندا ھئا ۽ انھن جي کلن سان پنھنجو جسم ڍڪيندا ھئا. ان کان سواءِ ٻڪري کاڌ خوراڪ جي لحاظ سان گهٽ خرچ وارو جانور آھي. سنڌ ۾ ٻڪرين جا گهڻا نسل آھن، جن مان بَريون، ڪمريون ۽ پٽوليون مشھور آھن. ٻڪريون عام طرح سرءُ (15 سيپٽمبر کان 30 آڪٽوبر تائين) جي موسم ۾ ۽ بھار (15 فيبروري کان 31 مارچ) جي موسم ۾ لڳ جهلينديون آھن. ٻڪريءَ جي نر کي ’ٻڪر‘ چوندا آھن ۽ ٻڪريءَ جي مادي ٻچي کي ’ڇيلي‘ يا ’ليلي‘ ۽ نر ٻچي کي ’ليلو‘ يا ’ڇيلو‘ چوندا آھن. جابلو ٻڪري فقط کير ڏيڻ لاءِ ڌاربي آھي. نسل وڌائڻ (لڳ ڪرائڻ) لاءِ بيھاريل نر ٻڪر کي ”ٿير“ چوندا آھن. سنڌ جي ڪوهستاني علائقي ۾ ٻڪريءَ کي’ائي‘ به چون، ’پھون‘ لفظ به ٻڪرين لاءِ استعمال ٿيندو آهي. ٻڪري روزانو 5 کان 7 ڪلو چارو کائيندي آھي. جيڪڏھن ٻاھر چاري مان ڍؤ ڪري ايندي آھي ته واڙ ۾ کاڌي لاءِ رڙ ڪا نه ڪندي. ٻڪريءَ جي کلن جو واپار اسان جي ملڪ ۾ گهڻي انداز ۾ ٿيندو آھي. کل لاھڻ وقت خبرداري نه ڪبي ته کل ۾ ٽڪا (وڍ) اچي ويندا، جنھنڪري کل جي قيمت گهٽجي ويندي. ٻڪريءَ جو قد 75 سينٽي ميٽر کن ٿيندو آھي. ان جي جسم جي ڊيگهه 90 سينٽي ميٽرن کان 150 سينٽي ميٽر ٿئي ٿي. ٻڪر، ٻڪريءَ کان وڏو قداور ٿئي ٿو. ٻنهي جنسن جو پڇ ننڍو ٿئي ٿو ۽ ٻنهي کي سڱ به ھوندا آھن. ڪن ٻڪرين کي سڱ ڪو نه ٿيندا آھن، جن کي ’ٺوڙھيون‘ يا ’موڏيون‘ سڏبو آھي. ٻڪرين جو عام کاڌو سائو گاهه آھي، ٻڪريون مختلف رنگن جون ھونديون آھن ۽ گهڻو ڪري جتي ڪٿي جام آھن، پر جبل ۽ ٿر ۾ ٻڪرين جو تعداد تمام گهڻو آھي. طبي لحاظ کان ان جو گوشت، رت، دل ۽ دماغ کي قوت ڏئي ٿو. چوندا آهن ته جسم جو ڪو به عضوو چپجي پوي ته ٻاڪرو گوشت گرم ڪري، انھيءَ ھنڌ ٻڌبو ته عضوو ڳنڍجي ويندو ۽ جي ٻڪريءَ جا وار ساڙي، تيل ۾ گڏي، گنج ۽ چرند وار جي جاءِ تي ھڻبا ته وار ڄمندا ۽ پِتي کي پاڻيءَ ۽ ماکيءَ ۾ ملائي موڪن تي لڳائبو ته ڪجهه وقت آرام اچي ويندو. ٻڪرين جا ڪجهه قسم ھي آھن: ونگاڻيون: ھي رنگ جون ڪاريون ٿين، جن جا ڪن ھٿ جيترا ڪنڍا ۽ وريل، ٻوٿ اڇو ۽ ڪن به اڇا ٿين. ھنن ۾ ڏاس تمام سنهي ۽ ٿوري ٿئي. ماڪڙيون: ھي ڀوري (ڪڪي ڀوري، يعني چٽي رنگ جون نه) رنگ جون ٿين، جن جا ڪن، ڪنڌ ۽ ٻوٿ ناسي يا ڪاري رنگ جا ٿين ٿا. بَريون: هي اڇيون ٿين، جن جا ڪن ننڍا ۽ اُڀا ٿين ٿا. چانھين: ٻڪريءَ جو هي قسم رنگ جي نسبت سان ’چانھين‘ سڏيو وڃي ٿو. هن قسم جي ٻڪريءَ جو رنگ چانھه پکيءَ جي کنڀن جھڙو هوندو آهي. هيءَ ٻڪري ٻين عام ٻڪرين جي ڀيٽ ۾ ڊگهي قد جي ٿئي ٿي. هن جا سڱ عام طور ڊگها ۽ ڪنڍا هوندا آهن. هن ٻڪريءَ جا ڪن ڊگها ٿين ۽ ان جي بت تي ڏاس گهڻي ٿئي. هيءَ ٻڪري کير جي ڀلي هوندي آهي. ٽاپري: هي مختلف قسمن جي ٻڪرين جي ميلاپ مان پيدا ٿيل نسل آهي.حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ ۽ بدين ضلعن ۾ هن نسل جون ٻڪريون پاليون وڃن ٿيون. هن نسل جي ٻڪرين جو رنگ گيڙو، ناسي يا ڳاڙهو ڀورو هوندو آهي، ان ۾ اڇي رنگ جا پَھَرُو به شامل آهن. هن نسل جي ٻڪرين جو مٿو، ڪن، ڪنڌ، اوهه ۽ ٿڻ ننڍا ٿين ٿا ۽ اڪثر جاڙا ڦَرَ ڏين ٿيون. هي نسل جلد وڏو ٿئي ٿو ۽ خاص ڪري گوشت لاءِ پاليو وڃي ٿو. ٿرڪي: ٻاڪري مال جو هيءُ نسل فقط ٿر ۾ ملي ٿو، انهيءَ ڪري نالو ”ٿرڪي“ پيو اٿس. هن نسل جو رنگ ڪارو آهي، پر ڳاڙها جانور به لڀن ٿا. قد بت وچولو، بدن تي وار جهجها، مٿو ۽ ڪن وچولا، اوهه ڀريل، سال ۾ ڏاس 300 گرام لاهي ٿي. پالڻ جو مقصد کير، گوشت ۽ ڏاس آهي. ٿرڪي ٻڪري ڇاپرو نسل سان ڏيک ۾ ملي ٿي، پر ٿرڪي قد ۾ وڏي آهي. جَهري بَري: جهري بري، ٻڪريءَ جو هڪ قسم آهي. هن قسم جي ٻڪريءَ جي جسم تي ڪارا ۽ اڇا ٽڪا ٿيندا آهن. هن ٻڪريءَ جا ٿڻ ڊگها ٿيندا آهن ۽ ان جون ٽنگون به ڊگهيون ٿينديون آهن. هن ٻڪريءَ جي ڏاس وڏي ٿئي ۽ سندس پُڇ تي گهڻا وار ٿين ٿا. هن ٻڪريءَ جا سڱ ننڍا ۽ وٽيل هوندا آهن. بُجري: ٻاڪري مال جو هڪ نسل آهي. هن ٻڪريءَ جو نسل حيدرآباد، بدين ۽ ميرپورخاص ضلعن ۾ ملي ٿو. هن نسل جي جانورن جو رنگ سفيد، جسم تي وار گهاٽا، مٿو وچولو ۽ سڱ ننڍا ٿيندا آهن. ڪن وچولا ۽ هيٺ لڙيل هوندا آهن. هي نسل ساليانو هڪ ڪلو گرام في جانور ڏاس (وارن) جي پيداوار ڏئي ٿو. هن نسل جي پالڻ جو مقصد گوشت، کل ۽ وار ئي آهن.


لفظ ٻڪريھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو