ٻَڪر والُ: اتر اوڀر کان آيل مينھن، جيڪو گجگوڙ ۽ کنوڻ سان اچي ۽ گهڻيءَ دير تائين وسي. دراصل اھو مينھن جهڪ ۽ واچوڙي سان گڏ ايندو آھي ۽ اھڙو تہ تيز رفتار ھوندو آھي، جو مال کي واڙي ۾ بند ڪرڻ جي وٿي ئي ڪا نہ ملندي آھي. ٻڪر وال يا ٻڪراڙ کنوڻ، اتر اوڀر کان ايندڙ تيز ۽ گجگوڙ سان ايندڙ مينهن سان گڏ تيز کنوڻ کي چئبو آهي .